بلاگنئون

عرب دنيا جو پيرس ۽ اڄ جو کنڊر بڻيل لبنان!

لبنان دنيا جو دلچسپ ملڪ آهي، جنهن 22 نومبر 1943ع ۾ فرانس کان آزادي حاصل ڪئي. لبنان جيڪو جاگرافيائي طور تي شام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ آهي. جڏهن ته هن جو هڪ وڏو حصو رومي سمنڊ سان مليل آهي. هن جي ٽوٽل پکيڙ 11،55 ڪلو ميٽر آهي، جيڪو پاڪستان جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. لبنان جي آبادي اٽڪل 58 لک جي ويجهو آهي، جنهن ۾ شامي ۽ فلسطيني مهاجرين به شامل آهن. هي ملڪ گهڻ مذهبي معاشرو رکي ٿو. هتي اسلام سڀ کان وڏو مذهب آهي، جيڪو اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي تي مشتمل آهي ۽ هن ۾ شيعه مسلمانن جو انگ وڌيڪ آهي. ٻئي نمبر تي اٽڪل 30 سيڪڙو ميرونائيٽ ۽ يوناني آرٿوڊوڪس عيسائين تي مشتمل آهي. مجموعي طور تي لبنان ۾ 18 کان وڌيڪ مذهبي فرقا موجود آهن، جن ۾ اسماعيلي، علوي ۽ دروز جهڙا گروهه به شامل آهن.

هڪ وقت هو جڏهن لبنان کي “عرب جو پيرس” سڏيو ويندو هو ۽ هن جي گادي جو هنڌ بيروت پنهنجي خوبصورتي، سياحتي ڪشش ۽ مضبوط بينڪاري جي سبب کان سڄي دنيا ۾ مشهور هو. سامونڊي علائقا سرسبز ۽ شاداب هئا، باوجود ان جي موجوده دور ۾ لبنان جي معيشت کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو حصو ٻاهرين ملڪ ۾ ترسيل لبنانين جي آمدني تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن برآمدات ۾ ميووا، سبزيون ۽ مڇي شامل آهن. ان کانسواءِ هتي گهريلو سطح تي ٽيڪسٽائيل جي صنعت به آهي. لبنان جو حڪومتي ڍانچو به منفرد آهي، جيڪو مختلف مذهبي گروهن جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. ان نظام جي تحت ملڪ جو صدر عيسائي، وزيراعظم سني مسلمان. جڏهن ته پارليامينٽ جا اسپيڪر شيعه مسلمان هوندا آهن، اهو سياسي بندوبست ملڪ کي گهرو ويڙھ کان بچائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو هو. باوجود ان جي سياست ۾ حزب الله کي هڪ طاقتور عنصر سمجهيو وڃي ٿو ۽ هن کي اڪثر ايران جي حمايت حاصل هئڻ سبب پرڳڻي جي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ واري قوت جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو، پر مسلسل هن ملڪ کي اسرائيل جي حملن سبب کنڊرن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.