سنڌ جي ڌرتي هميشه اهڙن ڪردارن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جيڪي پنهنجي قسمت سان وڙهندي، تقدير جا نوان باب لکن ٿا. لاڙ جي سادي، مٽيءَ جي خوشبوءَ سان ڀريل علائقي شادي لارج مان اڀرندڙ هڪ نالو جيوڻ ريٻاري اڄ اميد، همت ۽ جدوجهد جو استعارو بڻجي چڪو آهي. هيءَ ڪهاڻي صرف هڪ فرد جي ڪاميابي نه آهي، پر هڪ اهڙي خواب جي تعبير آهي، جيڪو غربت جي اونداهين ۾ پلجي، محنت جي روشنيءَ سان چمڪي اٿيو. جيوڻ ريٻاري جو جنم هڪ اهڙي گهر ۾ ٿيو، جتي روزيءَ جا ذريعا محدود هئا، جتي خواهشن کان اڳ ضرورتون پوريون ڪرڻ ئي وڏو چئلينج هو. سندس والد هڪ پورهيت انسان، جنهن جي هٿن ۾ محنت جا ڦٽ ۽ اکين ۾ پنهنجي پٽ لاءِ روشن مستقبل جا خواب هئا. غربت سندن در تي مستقل مهمان هئي، پر اميد سندن دلين مان ڪڏهن به نه نڪتي. گهڻو ڪري اهڙين حالتن ۾ ٻار تعليم کان پري ٿي ويندا آهن، پر جيوڻ لاءِ علم ئي واحد رستو هو اهڙو رستو، جيڪو کيس تقدير جي زنجيرن کان آزاد ڪرائي سگهي. هڪ پيءُ جي محبت ۽ قربانيءَ کان وڏو ڪوبه سرمايو ناهي. جيوڻ جي والد پنهنجي وس کان وڌيڪ پورهيو ڪري، پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي، پنهنجي پٽ جي تعليم لاءِ راهه هموار ڪئي. اهو فقط مالي سهارو نه هو، پر اها هڪ خاموش دعا هئي، جيڪا هر ڏينهن پنهنجي پٽ جي ڪاميابي لاءِ آسمان ڏانهن اڏامي ٿي. اهي قربانيون ئي هيون، جن جيوڻ جي همت کي ٽٽڻ نه ڏنو. هر ڏکئي لمحي ۾کيس پنهنجي پيءُ جا پگهر ياد ايندا هئا ۽ اهو احساس ئي سندس ارادن کي فولاد بڻائيندو رهيو.