بلاگنئون

ڇا سنڌ جي بنيادي تعليمي ڍانچي کي تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي؟ جيڪو نتيجا ڏئي سگهي

جنھن صوبي جا 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر ھجن اُن صوبي جي تعليم جو حال ڪھڙو ھوندو؟ اسڪول کان ٻاھر ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ 2013ع ۾ پ پ جي حڪومت لازمي زوري زبردستي تعليم جو قانونRight of children compulsory  Education act به آندو، پر اسڪولن کان ٻاھر 5 کان 11 سالن جي ٻارن جو اھو تعداد 60 لک کان وڌي 78 لک ٿي ويو آھي. مطلب ته زوري تعليم واري قانون ڪوبه اثر نه ڏيکاريو، بلڪه اڃان ٻارن جي انگ ۾ اضافو ٿيو. سي ايم سنڌ اسيمبلي فلور تان به اھو اعتراف ڪندا رھيا آھن ته لکين ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻي نه سگھيا آھيون. اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارن جو تعليمي معيار به بھتر نه ٿي سگھيو آھي. اڳوڻو سي ايم سنڌ قائم علي شاھ اھو چوندو رھيو ھو ته سنڌ جا لکين ٻار غربت سبب پڙھي نٿا سگھن، پر سنڌ سرڪار سنڌ ۾ غربت واري ڳالھه کي باقي ڪٿي به تسليم نه ڪيو آھي. تعليم ۽ ڪتاب مفت ۾ ملن ٿا پوءِ به ھر سال اسڪولن کان ٻاھر رھندڙ ٻارن جو انگ وڌي پيو، 5 کان 11 سالن جي عمرين جي ٻارن جو ڪُل تعداد صوبي ۾ 2 ڪروڙ ٻڌائين ٿا جن مان 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن ته ان جو مطلب اھو ته اھي سدائين اڻ پڙھيا ئي رھندا، دنيا جا سڌريل ملڪ دنيا ۾ موجود ناخواندگي ۽ جھالت جي خاتمي جي پويان لڳل آھن. 2004ع  کان 2014ع تائين 10 سالن ۾ دنيا مان ناخواندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ مھمون ھلايون ويون، عالمي ادارن به اسان جي تعليم کي بھتر بنائڻ لاءِ تمام گھڻا منصوبا ڏنا، پر ڪرپشن سبب آفيسر شاھي پنھنجا پيٽ ڀريا نتيجا وري به ٻڙي رھيا، جيڪا حالت آھي ان مان لڳي ٿو ته ايئن لڳ ڀڳ سنڌ جا اڌ کان وڌيڪ ماڻھو اڻ پڙھيا رھجي ويندا ۽ ڪڏھن به نه پڙھي سگھندا، سنڌ واحد صوبو آھي جتي شروع کان ئي زوري تعليم لاڳو رھي آھي، ٻار نه پڙھائيندڙن خلاف سزائن وارا قانون لاڳو آھن، پوءِ به سنڌ پڙھي نه سگھي آھي. آئين مطابق تعليم ٻارن جو بنيادي آئيني حق آھي، ڪتاب به ھر سال مفت ۾ ملن ٿا، پوءِ به تعليم طرف ماڻھن جو لاڙو هر سال گھٽبو رھيو آھي. ان جا ڪيترائي سبب آھن، ھڪ ته تعليم پنھنجو سِلو پاڻ واري اھميت وڃائي چڪي آھي، اُن جو معيار به ڪري پيو آھي ۽ ماڻھو سوچين ٿا ٻار پڙھائي ڇا ڪبو، تعليم جي بنياد تي نوڪريون ته ملنديون ڪونه، ان کان بھتر اھو آھي ته ٻار شروع کان ئي ڪا مزدوري ڪن ۽ پيٽ پالڻ ۾ والدين جو ساٿ ڏين، اسڪولن ۾ رڳو درسي ڪتابن واري تعليم آھي ڪا ھنري تعليم نه آھي، اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا ۽ ٻي ڪابه ھنري تعليم نه آھي، جيڪا حاصل ڪري ٻار وڏا ٿي ھنر جي بنياد تي روزگار ڪمائي سگھن، اھڙا ورڪشاپ به نه آھن جتي ٻار بجلي، سولر سسٽم ۽ موبائيل فون جي مرمت جو ڪم سکي سگھن. جيڪڏهن اسڪولن ۾ ٻارن کي بورچي، حجامت، ڌوٻي، سلائي وارا ڪم سيکاريا وڃن ته اھي وڏا ٿي ڪڏھن به دربدر نه ٿي سگھندا، اڃان وقت ويو ناھي، جيڪڏهن سرڪار ھر تعليم يافته کي روزگار نٿي ڏئي سگھي ته انھن کي اسڪولن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڪي ھنر سيکاري ته اھي وڏا ٿي نوڪريون نه گھرندا ۽ ھنر جي بنياد تي خود روزگار سان لڳي سگھن ٿا.