رپورٽن ۽ سندس وڊيو بيانن موجب هوءَ ڪچي جي درياھي علائقي مان ڀڄي نڪتي، جتي سندس بت تي ڪنڊن ۽ جهنگلي ٻوٽن جون رھڙون لڳيون. هوءَ پنهنجي مڙس ۽ سندس ساٿين کان بچندي پوليس وٽ پهتي ۽ تحفظ گهريائين. جيتوڻيڪ پوليس ان مرحلي تي هڪ غير معمولي ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. ڪيترن اهڙن ڪيسن ۾ عورتن کي يا ته واپس خاندان حوالي ڪيو ويندو آهي يا سندن فرياد ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ويندو آهي يا کين اهڙي خطري ۾ ڇڏي ڏنو ويندو آهي، جنهن کان هوءَ پاڻ بچڻ آئي هوندي آهي، پر هن ڪيس ۾ پوليس گُلان کي تحفظ ۾ ورتو، رپورٽ تيار ڪئي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو، پر تحفظ صرف ڪاغذن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، جيڪا عورت چوي ته سندس جان کي خطرو آهي، ان کي رڳو همدردي نه، پر عملي ۽ لاڳو ٿيندڙ تحفظ گهرجي. جڏهن گُلان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جج سندس تحفظ لاءِ کيس دارالامان موڪلڻ جون هدايتون ڏنيون. اهو صحيح قدم هو. رپورٽن موجب گُلان پاڻ به دارالامان وڃڻ چاهيو ٿي، پر پوءِ عدالت کان ٻاهر اهڙو لمحو آيو، جنھن هر اداري جي ضمير کي ڌونداڙي ڇڏيو. گُلان جي پيءُ پنهنجو پٽڪو ڌيءَ جي پيرن ۾ رکيو، اسان جي سماج ۾ اهو انتهائي جذباتي ۽ علامتي عمل آهي، جنهن ۾ عزت، آبرو ۽ خانداني دٻاءُ سمايل هوندو آهي. سندس ماءُ به کيس گهر واپس هلڻ لاءِ منٿون ڪيون. گُلان جيڪا اڳ ئي خوف، محبت، فرض ۽ خانداني دٻاءُ جي وچ ۾ ڦاٿل هئي، آخرڪار نرم پئجي وئي.
هڪ وڊيو بيان ۾ هن چٽن لفظن ۾ چيو ته:”مون کي خبر آهي ته مون کي ماريو ويندو. آئون ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان، پر پنهنجي پيءُ جي عزت خاطر پاڻ کي قربان ڪري هن سان گڏ وينديس.” هيءَ رضامندي نه هئي، هي جذباتي جبر هو، هيءَ اها حالت هئي، جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجي جان جي حفاظت تان هٿ کڻي وئي، ڇاڪاڻ ته پدرشاهي سماج کيس سيکاريو هو ته پيءُ جي “عزت” سندس زندگيءَ کان مٿي آهي. ڪجهه ڏينهن بعد، 2 مئي تي گُلان ڀارو کي قتل ڪيو ويو. سندس مڙس ۽ مڙس جو چاچو مبينا طور گهر ۾ گهڙي آيا ۽ کيس ڪلاشنڪوف سان فائر ڪري ماري ڇڏيائون، جيڪو خطرو گُلان پاڻ بيان ڪيو هو، اهوئي حقيقت بڻجي ويو. سندس قتل اوچتو يا اڻڄاتل نه هو. اهو اڳ ئي ظاهر ٿي چڪو هو. هن پاڻ چيو هو ته کيس ماريو ويندو. اهوئي هن ڪيس کي وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ ناقابلِ برداشت بڻائي ٿو. ڪنهن عورت جو پيڇو ڪرڻ ۾ ڪا غيرت ناهي. ٻن ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪرڻ ۾ ڪا عزت ناهي. ڪنهن عورت کي “ڪاري” قرار ڏئي سندس موت کي سماجي علاج سمجهڻ ۾ ڪابه انسانيت ناهي. “غيرت جي نالي تي قتل” وارو اصطلاح به احتياط سان استعمال ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو ڪڏهن ڪڏهن هڪ غير اخلاقي جرم کي اخلاقي نالو ڏئي ڇڏي ٿو. حقيقت ۾ هي صنفي بنيادن تي قتل آهن، هي پدرشاهي ڦاھيون ۽ ڪوڙڪيون آهن، هي ڪنٽرول ۽ ملڪيت واري سوچ جا جرم آهن.
گُلان ڀارو کي مبينا طور ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هن تشدد کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي زندگيءَ تي ٿورڙو اختيار ظاهر ڪيو ۽ سندس چوڌاري موجود مردن سمجهيو ته کين اهو حق حاصل آهي ته هو فيصلو ڪن ته هوءَ زنده رهي يا نه. اهو خيال ثقافت نه آهي، اها وحشياڻي سوچ آهي. هن ڪيس جو سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ پاسو اهو آهي ته گُلان پوليس آڏو انهن ماڻهن جا نالا به کنيا هئا، جن کان سندس جان کي خطرو هو، جن ۾ سندس مڙس سِڪيلڌو ۽ سندس چاچو مولا بخش شامل هئا. رپورٽن موجب ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 302 تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پر قتل کانپوءِ گرفتاري ڪافي ناهي. اصل سوال اهو آهي ته جنهن عورت چٽن لفظن ۾ چيو ته سندس جان کي خطرو آهي، کيس مضبوط حفاظتي نظام کانسواءِ واپس گهر وڃڻ ڪيئن ڏنو ويو؟ جيڪڏهن ڪا عورت چوي ته هوءَ دارالامان وڃڻ چاهي ٿي ته کيس جذباتي دٻاءُ هيٺ واپس گهر وڃڻ تي مجبور يا راضي نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن خاندان جا ماڻهو چون ٿا ته هو کيس تحفظ ڏيندا، ته اهڙن ڪيسن ۾انهن دعوائن کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ خطرناڪ آهي. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي اڳ ئي ڌمڪيون ملي چڪيون آهن ته رياست کي لازمي طور تي جسماني تحفظ، قانوني قدمن، نگراني، محفوظ پناهه ۽ عدالتي پيروي يقيني بڻائڻ گهرجي. پيءُ جو واعدو رياستي تحفظ جو بدل نٿو ٿي سگهي. خاندان جو لفظ عورت جي بيان ڪيل خوف کان مٿي نٿو ٿي سگهي. ڪنهن ثقافتي علامت کي عدالت جي حفاظتي هدايتن کي بي اثر ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. گُلان نظام جي ڏارن مان پاڻمرادو نه ڪري پئي، کيس انهن ڏارن ۾ ڌڪيو ويو. هي قتل ان وڏي سماجي ڍانچي کي به بي نقاب ڪري ٿو، جنهن ۾ اهڙا ڏوهه اڃان تائين جاري آهن، خاص طور تي اپر سنڌ ۽ جاگيرداري اثر هيٺ علائقن ۾. ڪارو ڪاري جهڙي وحشياڻي رسم پدرشاهي نظام، قبيلائي اختيار، جاگيرداري طاقت، ڪمزور قانوني عملداري ۽ معاشي سوديبازي جي گڏيل پيداوار آهي. عورتن کي حقن واري شهري طور نه، پر مردن جي “غيرت” جو بار کڻندڙ وجود طور ڏٺو وڃي ٿو. سندن جسم کي خانداني ملڪيت وانگر قابو ڪيو وڃي ٿو. سندن پسند تي پهرو لڳايو وڃي ٿو. سندن چرپر تي نظر رکي وڃي ٿي. سندن صنف کي سندن خلاف هٿيار بڻايو وڃي ٿو ۽ سندن قتل کي اهي مرد جائز سمجهن ٿا، جيڪي ڪنٽرول وڃائڻ کان ڊڄن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ مشهور چوڻي “زن، زر، زمين” مسئلي کي چٽو ڪري ٿي. عورت کي ملڪيت ۽ اثاثن جي خاني ۾ رکيو وڃي ٿو. هن سوچ ۾ عورت انسان نه، پر مرد جي حيثيت ۽ قبضي سان جڙيل شيءِ آهي. جڏهن اها “شيءِ” مرداڻي حيثيت لاءِ خطرو سمجهي وڃي ٿي ته تشدد کي عزت بحال ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي ٿو.
سو “ڪاري” قرار ڏنل عورت کي اڪثر قتل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته “ڪارو” قرار ڏنل مرد اثر، دٻاءُ، ٺاهه يا پئسن ذريعي بچي وڃي ٿو. سماجي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ڪيسن ۾ الزام هيٺ آيل مرد جو خاندان معاوضو ڏئي، جرڳو ڪرائي معاملو ختم ڪري ڇڏيندو آهي، پر عورت وٽ اهڙي ڪا معاشي يا سماجي طاقت نه هوندي آهي. سندس وجود سزا جو ھدف بڻجي وڃي ٿو ۽ مرد سندس لاش جي چوڌاري سوديبازي ڪن ٿا، ڄڻ ته هي به هڪ ڪاروبار آهي. هي انصاف ناهي، هي قتل جي بازار آهي. وزيرن، قانونسازن ۽ سياسي اڳواڻن جا رسمي ۽ ميار لاھڻ وارا مذمتي بيان ڪافي ناهن. هر ڀيري جڏهن ڪا عورت “غيرت” جي نالي تي قتل ٿئي ٿي، تڏهن بيان جاري ٿين ٿا، انصاف جا واعدا ڪيا وڃن ٿا ۽ سڌارن جون ڳالهيون ڪجن ٿيون، پر قتل جاري رهن ٿا. جيڪڏهن رياست واقعي سنجيده آهي ته کيس پريس رليزن کان اڳتي وڌڻو پوندو. سڀ کان پھرين ڳالھھ تھ گُلان ڀارو جي قتل جي ڪيس ۾ پراسيڪيوشن بنا ڪنهن نرمي جي ٿيڻ گهرجي، نه ڪو غير رسمي ٺاهه قبول ڪيو وڃي، نه جرڳي ذريعي سمجھوتو، نه شاهدن تي دٻاءُ ۽ نه ئي الزامن کي ڪمزور ڪيو وڃي. جوابدارن جو شفاف ٽرائل ٿيڻ گهرجي ۽ هر سهولتڪار يا ساٿي کي به جاچ ۾ آندو وڃي. ان کانپوءِ جيڪي عورتون تحفظ لاءِ رياست وٽ اچن، انهن کي “اعليٰ خطري” وارن ڪيسن طور ورتو وڃي، خاص طور تي غيرت سان لاڳاپيل معاملن ۾. واضح پروٽوڪول هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي جان کي خطري وارن ماڻهن جا نالا وٺي ٿي ته کيس ڪنهن به خانداني فرد حوالي ڪرڻ کان اڳ آزاد جائزو، لکت ۾ رضامندي، نفسياتي مدد، قانوني صلاح ۽ عدالت جي نگراني هيٺ حفاظتي انتظام لازمي هجن. انھي ريت دارالامانن کي مضبوط ڪيو وڃي. پناهه گاهن کي شرم يا آخري مجبوريءَ جي جاءِ نه، پر تحفظ جي اهم اداري طور مڃرايو وڃي. عورتن کي محفوظ ٺڪاڻو، قانوني مدد، طبي سهولت، ٻارن جي مدد ۽ ڊگهي مدي واري بحاليءَ تائين رسائي ملڻ گهرجي. گڏوگڏ ڳوٺاڻن ۽ ڪچي وارن علائقن جي پوليس اسٽيشنن کي خاص تربيت ۽ نگراني جي ضرورت آهي. گُلان جي ڪيس ۾ پوليس جو شروعاتي ڪردار مثبت لڳي ٿو، پر هڪ سٺو قدم سڄي نظام جي ڪمزوريءَ جو ازالو نٿو ڪري سگهي. غيرت سان لاڳاپيل ڌمڪين تي فوري حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن، جن ۾ نامزد جوابدارن خلاف اڳواٽ قانوني ڪارروائي به شامل هجي. ضروري آھي تھ ڪارو ڪاري ڪيسن ۾ جرڳن ۽ غير رسمي ٺاهن کي روڪڻ ۽ اهڙن عملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ضروري آهي. عورتن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به متوازي انصاف جي نظام کي اجازت نه هجڻ گهرجي.
اھو بھ اھم آھي تھ ان ڏس ۾ صحيح انگ اکر گڏ ڪيا وڃن. غيرت جي نالي تي قتل اڪثر رپورٽ ئي ناهن ٿيندا، ڇاڪاڻ ته خاندان انهن کي لڪائين ٿا، سماج انهن کي عام ڳالهه سمجهي ٿو، پوليس ڪڏهن ڪڏهن انهن کي غلط درجا بندي ڪري ٿي ۽ متاثر عورتون هميشه لاءِ خاموش ڪيون وڃن ٿيون. صحيح ڊيٽا کانسواءِ هن بحران جي حقيقي شدت کي سياسي طور نظرانداز ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. گُلان ڀارو ٻن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس ٻار ان حقيقت سان وڏا ٿيندا ته سندن ماءُ تحفظ لاءِ نڪتي، مدد گهري، پر پوءِ به قتل ٿي وئي. انهن ٻارن کي رڳو تعزيت نه، انصاف گهرجي. انهن کي اهڙو سماج گهرجي، جتي سندن ماءُ کي “غيرت” جي شڪار طور نه، پر زنده رهڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت طور ياد ڪيو وڃي، جنهن کي انهن ماڻهن ناڪام ڪيو، جن کي سندس حفاظت ڪرڻي هئي. سندس آخري لفظ اسان جي ضمير کي ڌونداڙڻ لاءِ ڪافي آهن: کيس خبر هئي ته کيس ماريو ويندو، پوءِ به هوءَ پنهنجي پيءُ جي عزت خاطر واپس وئي. ڪابه عورت ڪڏهن به پنهنجي زندگي ۽ خاندان جي نالي ماتر عزت جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻ تي مجبور نه ٿيڻ گهرجي. گُلان ڀارو جو قتل هڪ موڙ بنجڻ گهرجي، رڳو هڪ ٻي خبر نه، رڳو هڪ ٻيو انگ نه، رڳو اهڙو ڪيس نه، جيڪو قبيلائي دٻاءُ، سياسي خاموشي يا عدالتي اينگھه هيٺ دفن ٿي وڃي. جن مردن کيس قتل ڪيو، انهن کي سزا ملڻ گهرجي، جن کيس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري، انهن کان جواب طلب ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن سماجي نظام سندس موت کي ممڪن بڻايو، ان کي بنا ڪنهن معذرت جي للڪارڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گلان “غيرت” هٿان قتل نه ٿي، هوءَ پدرشاهي، سزا کان بچيل رهڻ واري ڪلچر ۽ ان خطرناڪ ڪوڙ هٿان قتل ٿي ته عورت جي زندگي سندس پنهنجي نه، ڪنهن ٻئي جي ملڪيت آهي.