هاڻي اچون ٿا ناول جي طرف: “اک سور” پڙهڻ کانپوءِ مون کي اندازو ٿيو، سک ۽ سولائي سان جيڪا شيءِ ماڻجي ٿي، تنهن جي قدر ۽ قيمت جي اصل خبر ئي ناهي پوندي. زندگيءَ جي ڏور ۾ ڏک سور، سک ۽ خوشيءَ جا برابر ساٿي آهن. ڏکن کان سواءِ سک اجايو آهي. ھن ناول جي ڪهاڻي گهريلو اڻبڻت، شادي ۽ محبت جي ڪشمڪش جي گرد ڦري ٿي، هر ڪردار پنهنجي جڳھه تي ٺيڪ هجي ٿو.
ناول جو مين نائڪ مهيندر جنھن کي سڀ مهين دا ٿا چون، جنهن کي پنهنجو پاڻ تي ايترو غرور آهي، جيڪو کيس پسند آهي، تنهن سان اهڙو ناتو ٿو جوڙي رکي، جيڪو ٻن جي رفاقت ۾ ڪنهن ٽئين کي پسند ئي نٿو ڪري. آخر ناول جي مين نائڪا ونودني سندس غرور کي ٽوڙي مٽيءَ ۾ ٿي ملائي. کيس پنهنجي قريب آڻي ڌتڪاري ٿي ڇڏي، تڏهن مهين کي پنهنجي پتني آشا جو پوتر پريم ٿو ياد پوي. جنهن ۾ ته ڪو ڊپ نه ڊاءُ بنا جهل ۽ روڪ جي گذريل سک ڀريون گهڙيون ٿيون ياد پون. هو ونودني مٿي موهت هوندي به نه سماج سان نه ڌرم سان بغاوت ڪري سگهي ٿو. هو ڪجھه وقت لاءِ ته سوچي ٿو، ونود لاءِ ساري دنيا رشتا ناتا تياڳي سگهان ٿو، ھڪ نئين جيون جي شروعات ڪندي.
صحيح چوندا آهن: انسان ٺهيو ته مٽيءَ مان آهي، پر ان جي فطرت پاڻيءَ مثل آهي.
جنهن ٿانو ۾ وجهو اها شڪل اختيار ڪندو، جنهن رنگ ۾ ملايو اهو رنگ اپنائيندو،
پر هو ائين نٿو ڪري سگهي، سندس ڳوڀ پتني جنهن کي وڌاتا ڄڻ زبان ئي نه ڏني هئي، يتيمي ڪارڻ هڪ ته عقل جي کوٽ، ٻيو ته گهريلو ڦڙتي چستي وچان ڪم ڪرڻ ۽ نوڪرن هٿان ڪرائڻ مٿن داٻ دڙڪو ڪرڻ جي هنر کان بلڪل ڪوري وانجهيل هئي.
سو ونودني کي ساهيڙي ٺاهي پنهنجي ڪچي تند واري پريم جون ڳالهيون ٻڌائي پنهنجو من ته هلڪو ڪيو، پر کيس اها ڪاڻ نه هئي ته زندگيءَ جي انهيءَ سک ۽ پريم کان وانجهيل ٺڪرايل “اک سور” ڪيئن نه سندس پتيءَ کي وش ۾ ڪري وجهندي ۽ ڪيئن نه سندن سک ڀريو سنسار اجڙي ويندو. ناول جا ٻه ٻيا مکيه ڪردار جيڪي هر وري انهيءَ ٽٽل شيءِ کي جوڙي پنهنجي اصلي حالت ۾ ٿا موٽائين.
انپورڻا ۽ بھاري جي ڪردار جي اڏولتا ۽ قرباني ونودني کي مها پاپ ڪرڻ کان بچائي ورتو، جنهن سان مهين جو گهر وري جڙي پيو ۽ هتي راج لڪشميءَ جو ذڪر نه ڪري، ٽئگور جي مامتا واري سليس جذبي کي هرگز نندڻو ڪونهي. راج لڪشمي مهين جي ماءُ جنهن کي پنهنجي پٽ تي ايترو ڪوڏ هو، جو سندس نئين نويلي ڪنوار سان ڪجھه وقت گذارڻ به کيس برداشت نٿي ٿيو.