بلاگنئون

“سائين دعا ڪرو الله علم يا عمل نصيب ڪري” مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جو مولانا ابوالڪلام آزاد کي چيل جملو

مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي هڪ شخصيت نه، پر هڪ فڪر هڪ روشني هڪ دور جو نالو هو سنڌ جي ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي ظاهري سادگي باوجود فڪر، شعور، علم ۽ انسان دوستيءَ جي حوالي سان جبل جيڏا وڏا رهيا آهن. انهن ئي روشن ڪردارن مان هڪ نالو مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جو آهي جنهن پنهنجي سڄي زندگي ڪتابن، علم، شعور، سچائي ۽ قومي فڪر جي نانءُ ڪري ڇڏي. پاڻ 1925ع ۾ نئينگ شريف جي ڀرسان ڳوٺ سُرڻي ۾ نور خان نوحاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. اُن وقت نوحاڻي برادريءَ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو تمام گهٽ هئا، پر مولوي صاحب اُن اوندهه ۾ هڪ ڏيئي وانگر پيدا ٿيا. خاص ڪري اسان جماڻين جي پاڙي ۾ پاڻ وڏي حيثيت رکندڙ شخص هئا سندن شخصيت فقط پنهنجي خاندان تائين محدود نه هئي، پر سموري علائقي لاءِ هڪ فڪري مرڪز جي حيثيت رکندي هئي. مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي هر وقت ماڻهن کي نصيحتون ڏيندا هئا ته پاڻ ۾ ٻڌي رکو، نفرتن کان پري رهو، جهيڙن جهڳڙن کان پاسو ڪريو، پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ علم حاصل ڪريو. سندن سوچ اها هئي ته قومون تلوارن سان نه، پر شعور سان مضبوط ٿينديون آهن. پاڻ پنهنجي برادريءَ کي هميشه گڏ رهڻ، تعليم ڏانهن اچڻ ۽ سماجي برائين کان بچڻ جي تلقين ڪندا هئا. پاڻ زندگيءَ جو وڏو حصو ڪراچي ۾ گذاريو، پر دل سندن هميشه پنهنجي ڳوٺ پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهي جڏهن به عيد خوشي يا ڪنهن غمي جي موقعي تي ڳوٺ ايندا هئا ته گڏ ڪپڙن يا سامان بدران ڪتابن جون پيتيون کڻي ايندا هئا اها ڳالهه اڄ به سندن شخصيت جو سڀ کان حسين پاسو لڳي ٿي.

ڪراچيءَ ۾ جيڪا به پگهار کين ملندي هئي اُن جو وڏو حصو ڪتاب خريد ڪرڻ تي خرچ ڪندا هئا ڪتاب سندن ڪمزوري نه، پر عشق هئا اهو عشق سندن آخري عمر تائين قائم رهيو پاڻ جيستائين زنده رهيا تيستائين ڪتاب گڏ ڪرڻ پڙهڻ ۽ ٻين کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪرڻ سندن زندگيءَ جو حصو رهيو. اڄ به سندن هزارين ڪتاب هڪ لائبريريءَ جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ۾ ڪيترائي اهڙا ناياب ڪتاب آهن، جيڪي هاڻي مارڪيٽن ۽ اسٽالن تي به نٿا ملن اها لائيبريري رڳو ڪتابن جو ڍير نه، پر هڪ دور جو فڪر، تاريخ، سياست، ادب، فلسفي ۽ شعور جو خزانو آهي افسوس فقط اهو آهي ته سندن ويجها مائٽ، عزيز ۽ اسان پاڻ به اُن خزاني مان ايترو لاڀ حاصل نه ڪري سگهياسين، جيترو ڪرڻ گهرجي ها. مولوي صاحب جو عشق فقط ڪتابن تائين محدود نه هو، پر وڏن فڪري ماڻهن سان به سندن روحاني وابستگي هئي. پاڻ مولانا ابوالڪلام آزاد جا عاشق هئا. اُن عشق جي شدت جو ذڪر عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “نئين دور جا نوان چار درويش” ۾ ڪيو آهي، جتي هو لکي ٿو ته مولوي صاحب فقط مولانا ابوالڪلام آزاد جي زيارت لاءِ پيادل پنڌ سفر ۽ بک ڏک سهندي هندستان پهچي ويا.

آريسر صاحب چوي ٿو ته  مولانا آزاد کي ڏسڻ جي اهڙي تڙپ پيدا ٿيس، جو پاڻ اٽو ٻڌي پيادل دهلي روانا ٿي ويا. نه وٽن پورو ڀاڙو هو، نه ڪا سهولت. ڪٿي مسجدن ۾ رات گذاريائون، ڪٿي مندرن ۾، ڪٿي بنا ٽڪيٽ گاڏيءَ ۾ چڙهيا، ڪٿي پيادل هلندا رهيا. صرف هڪ خواهش لاءِ ته پنهنجي محبوب مفڪر جي زيارت ڪري سگهن. جڏهن دهليءَ ۾ مولانا آزاد جي بنگلي تي پهتا ته کين چيو ويو: “مولانا صاحب ننڊ ۾ آهي، شام جو چانهن تي اٿندو.” پر مولوي صاحب ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ بدران وڻن جي ٿڌي ڇانوَ هيٺ سائي گاهه تي سمهي رهيا. اها سادگي اُن دور جي ڪانگريسي ڪارڪنن جي سڃاڻپ هئي. پوءِ جڏهن مولانا آزاد موٽي آيا، دروازو کليو ته حاجي خان محمد دروازي جي وچ ۾ بيهي رهيا. مولانا چوڪيدار کان پڇيو ته ڪير آهي. ان کيس ساري حقيقت ٻڌائي ته سنڌ مان آيا آھن. مولانا موٽر مان لٿو، حاجي خان محمد نوحاڻي سان هٿ ملايائين. سندس مرضي هجي ته پاڻ به ساڻس گڏ اندر هلن، پر حاجي صاحب ڀت وانگر بيهي رهيو. مولانا به بيهي رهيو. مولانا آزاد جي چهري تي مرڪ خوبصورت چهري کي وڌيڪ دلڪش بنائي رهي هئي ۽ حاجي خان محمد ان جي جادوگري ۾ ٻڏي ويو. ڳالهائڻ وسري ويس، نيٺ مولانا صاحب پڇيو: “ڀائي ڪوئي ڪام، سائين دعا ڪرو الله علم يا عمل نصيب ڪري.” ايترو چئي مولوي حاجي خان محمد هٽي ويا مولانا اندر هليو ويو ۽ پاڻ وري ساڳئي نموني واپس موٽيا. اها آهي معشوق جي زيارت جي روايت.

“سائين دعا ڪرو الله علم يا عمل نصيب ڪري”

هي جملا دراصل مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جي سڄي شخصيت جو خلاصو آهن. نه عهدو گهريائون، نه دولت، نه سفارش، نه شهرت، فقط علم ۽ عمل جي دعا. اهو عشق ڪنهن دنياوي فائدي لاءِ نه، پر فڪر سان محبت جو اعليٰ مثال هو. مولوي صاحب جي فڪري وابستگيءَ ۾ مهاتما گانڌي، جي ايم سيد، خان عبدالولي خان، شيخ مجيب الرحمان، عبدالواحد آريسر ۽ عزيز الله ٻوهيو جهڙيون شخصيتون شامل هيون. اهي سڀ ماڻهو سندن فڪري دنيا جا روشن ستارا هئا.

سندن شخصيت جو هڪ حسين پاسو اهو به هو ته پاڻ پنهنجي اولاد ۽ پوٽن جا نالا به پنهنجي فڪر موجب رکندا هئا. وڏي پٽ جو نالو پنهنجي والد جي ياد ۾ “نور خان” رکيائون. پوءِ “ابوالڪلام”، “خان غفار خان”، “دريا خان”، “مجيب الرحمان”، “الله بخش”، “نجيب الرحمان” جهڙا نالا رکيا، جيڪي سندن فڪري وابستگي ۽ انقلابي سوچ جا عڪس هئا. صرف ايترو ئي نه، پر سندن پوٽن ۽ ڏوهٽن جا نالا به انقلابي شخصيتن سان وابسته هئا. “خان ولي خان”، “هيمون”، “هوشو” ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اُن ڳالهه جو ثبوت آهن ته مولوي صاحب صرف ڪتابن ۾ انقلاب نه پڙهندا هئا، پر پنهنجي گهرو ماحول ۾ به شعور جي روايت کي زنده رکڻ چاهيندا هئا. سندن لاءِ نالا فقط سڏڻ جا لفظ نه هئا، پر تاريخ، مزاحمت فڪر ۽ جدوجهد جا نشان هئا.

عبدالواحد آريسر لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ تي سچو ڪتاب لکڻو هجي ته کيس يا محمد صالح عاجز سان ويهڻ گهرجي يا حاجي خان محمد نوحاڻي جي لائبريريءَ ۾ وڃڻ گهرجي. عبدالواحد آريسر جڏهن مولوي صاحب جو ذڪر ڪري ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هو ڪنهن عام ماڻهوءَ جو نه، پر هڪ آخري درويش جو احوال لکي رهيو آهي. اهڙو درويش، جيڪو وقت جي تبديليءَ سان به پنهنجو فڪر نه بدلائي سگهيو. هو لکي ٿو ته مولوي صاحب ڪتابن جي معاملي ۾ انتهائي حساس هئا. ڪتاب وڃائجي وڃڻ تي روئي پوندا هئا. دوستن کان ناراض ٿي ويندا هئا، جيڪڏهن ڪو ڪتاب واپس نه ڪري. سندن لاءِ ڪتاب ماءُ جي جهوليءَ وانگر مقدس هئا. پاڻ سنڌ پرست سوچ رکندڙ انسان هئا. سنڌ جي ڌرتي، ٻولي، ثقافت ۽ حقن سان محبت سندن رت ۾ شامل هئي. پاڻ وڏيرڪي نظام جا سخت مخالف هئا، ڇو ته سندن خيال ۾ وڏيرا شاهي انسان جي آزادي کسي ٿي. پاڻ پير پرستيءَ خلاف به کلي ڳالهائيندا هئا، ڇو ته سندن فڪر انسان کي غلام بڻائڻ بدران آزاد ڏسڻ چاهيندو هو. مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي ڪميونسٽ ملڪن جي نظام کان به متاثر هئا، ڇاڪاڻ ته اُتي برابري، تعليم ۽ محنت کي اهميت ڏني ويندي هئي. سندن سڄي سوچ جو مرڪز انسان، علم ۽ انصاف هئا.

سندن زندگيءَ جو سڀ کان وڏو حسن سندن سادگي هئي. وڏا وڏا خيال رکڻ باوجود پاڻ انتهائي سادا ماڻهو هئا. سندن ڪپڙا سندن رهڻي ڪهڻي سندن انداز هر شيءِ ۾ درويشي هئي پاڻ ماڻهن سان وڏي محبت سان ملندا هئا. وڏائي تڪبر يا نفرت سندن مزاج ۾ ڪڏهن به نه رهي. اڄ جڏهن دنيا ڏيکاءَ، دولت ۽ شهرت جي پويان ڊوڙي رهي آهي، تڏهن مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جهڙا ماڻهو ياد اچن ٿا، جيڪي پنهنجي سڄي زندگي ڪتابن جي خوشبوءَ ۾ گذاري ويا. جن لاءِ علم عبادت هو، شعور دولت هو ۽ انسانيت سڀ کان وڏو مذهب هئي. 31 جولاءِ 2012ع تي هي عظيم انسان هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندن فڪر، سندن ڪتاب، سندن ڳالهيون ۽ سندن يادون اڄ به زنده آهن. سندن آخري آرامگاهه سُرڻي، لڳ نئينگ شريف ۾ آهي جتي شايد مٽيءَ هيٺ هڪ جسم آرامي آهي، پر هڪ فڪر اڄ به جيئرو آهي. مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي اُن نسل جا ماڻهو هئا جيڪي پنهنجن ذاتي فائدن بدران قومن جي مستقبل بابت سوچيندا هئا. سندن زندگي هڪ سبق آهي ته جيڪڏهن انسان وٽ دولت نه به هجي، پر ڪتابن سان عشق، فڪر سان وابستگي ۽ انسانيت سان محبت هجي ته هو وقت کان پوءِ به زنده رهندو آهي.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندن ڇڏيل ڪتابن کي محفوظ ڪيو وڃي، سندن فڪر کي نئين نسل تائين پهچايو وڃي ۽ سندن زندگيءَ مان اهو سبق سکيو وڃي ته علم سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به ناهن مرندا. مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جو نالو سنڌ جي اُن روشن روايت جو نالو آهي جتي ماڻهو ڪتابن کي خزانو علم کي طاقت ۽ انسانيت کي سڀ کان وڏي سڃاڻپ سمجهندا هئا. اڄ جڏهن دنيا ۾ ڪتابن جي جاءِ موبائلن ورتي آهي مطالعي جي جاءِ شور ورتي آهي ۽ فڪر جي جاءِ نفرت ورتي آهي تڏهن مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي جهڙا ماڻهو وڌيڪ ياد اچن ٿا. هن بک ڪاٽي به ڪتاب خريد ڪيا، هو خاموش رهيو، پر پنهنجي فڪر تان هٿ نه کنيو، هو سادو رهيو، پر اندر ۾ پهاڙ جيڏو وڏو انسان هو. مولوي حاجي خان محمد نوحاڻي دراصل اُن نسل جو آخري ماڻهو هو جنهن وٽ دولت نه هئي، پر ڪتاب هئا اقتدار نه هو، پر فڪر هو شهرت نه هئي، پر عظمت هئي ۽ اهڙا ماڻهو وقت جي قبرستان ۾ دفن ناهن ٿيندا، اهي تاريخ جي دل ۾ زنده رهندا آهن.