بلاگنئون

انساني حقن جو پهريون عالمي منشور سائرس سلينڊر

انساني حقن جو پهريون عالمي منشور سائرس سلينڊر جي شڪل وارو ڪينيفارم ٻوليءَ ۾ لکيل اسڪرپٽ، اڪيڊين شاهي ٻولي ڪينيفارم رسم الخط هڪ تاريخي نوادرات مان هڪ آهي. تاريخ جي ورقن ۾ ڪجهه اهڙا دستاويز موجود آهن، جيڪي وقت جي وهڪري کي روڪي، انسانيت ۽ مذهبي رواداريءَ جو علم بلند ڪن ٿا، انهن مان سڀ کان قديم منشور سائرس سلينڊر  آهي. هي رڳو پڪل مٽيءَ جو هڪ ٽڪرو ناهي، پر انسانيت جي آزادي، مذهبي رواداريءَ جو اهو پهريون پڌرنامو آهي، جنهن تلوار جي زور کي انصاف جي طاقت سان شڪست ڏني. اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ مذهبي رواداري ۽ فرد جي آزاديءَ جو بنياد رکيو ويو. هي ناياب تاريخي خزانو 1879ع ۾ ميسوپوٽيميا جي قديم شهر بابل جي کنڊرن مان برطانوي ماهرِ آثار قديمه هرمز رسام دريافت ڪيو. هي سلينڊر نما دستاويز قديم اڪيڊين ٻوليءَ ڪينيفارم ميخي رسم الخط ۾ لکيل آهي ۽ اڄ برطانوي لنڊن ميوزيم جي زينت بڻيل آهي، جتي اهو عالمي تهذيب جي هڪ عظيم علامت طور سڃاتو وڃي ٿو. هي قديم رڪارڊ دنيا جو پهريون چارٽر آف هيومن رائيٽس جو متن سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو مذهبي رواداري ۽ سلطنت ۾ فرد جي آزادي کي اجاڳر ڪري ٿو. هي چارٽر سائرس اعظم جي جديد حڪمراني ۽ مختلف ثقافتن جي احترام جو بي مثال ثبوت آهي.

فارس قديم (ايران) جي آريائي ايچمينيڊ خاندان سان تعلق رکندڙ سائرس اعظم 539 قبل مسيح ۾ فارس جي اجڳر جيڏي فوج سان عظيم بابلي سلطنت کي فتح ڪري فارسي سلطنت ۾ شامل ڪيو، هن بابل ۾ موجود يھودي غلامن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ميسوپوٽيميا جي سڀني رياستن کي پنهنجو مذهب چونڊڻ جو پورو حق ڏنو ويو. نسلي فرق کي ختم ڪري، هر انسان کي پنهنجي عقيدي ۽ ثقافت موجب جيئڻ جو حق ڏنو، نسلي برابري قائم ڪئي، اهي ۽ ٻيا فرمان  پڪل مٽيءَ جي سلينڊر تي اڪادي قديم بابلي لھجي ڪينيفارم رسم الخط سان رڪارڊ ڪيا ويا. سائرس بابل ۾ قيد يهودين کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي پنھنجي وطن ڪنعان ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. ھن سلينڊر مهر ۾ يهودي قيدين جي آزاد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ انهن جا نالا هن متن ۾ شامل نه آهن، ھي اھي قيدي آھن جن کي 575 قبل مسيح ڌاري بابل جي بادشاهه نبوقدنصر  يوروشلم کي فتح ڪري بني اسرائيلن کي غلام بڻائي بابل کڻي آيو ھو. سائرس سلينڊر جي متن ۾ سائرس اعظم جي اعليٰ شان ۽ عظيم بادشاھن جي فهرست ۾ پهريون نمبر ۽ خانداني شجرو بيان ڪيو ويو آھي. هن کي قديم دنيا جي عظيم بادشاهن مان هڪ بادشاهه جي طور تي پيش ڪيو ويو آھي. سائرس اعظم کي ھن قديم لکت بابت ٻڌايو ويو آهي ته سائرس کي بابل جي رهواسين پنهنجي نئين حڪمران جي حيثيت سان خوش آمديد ڪيو، سائرس اعظم ميسوپوٽيميا جي قديم شھر بابل کي وڏي مھارت سان بغير خون خرابي فتح ڪيو، امن سان شهر ۾ داخل ٿيو، طاقتور حڪمراني اها ناهي جيڪا تلوار جي زور تي علائقا فتح ڪري، پر حقيقي طاقت اها آهي جيڪا انصاف، امن ۽ مختلف ثقافتن جي احترام سان سماج کي هڪ لڙيءَ ۾ پروئي. سلينڊر جي لکت اهو به بيان ڪري ٿي ته بابل جي فاتح سائرس کي بابل جي ديوتا ماردوڪ طرفان بابل ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي. سائرس بابل  شهر جي قلعي بند ديوار ۽ ايشتر گيٽ جي نئين سر مرمت ڪرائي. ميسوپوٽيميا ۽ علائقي جي ٻين هنڌن تي مندرن ۽ ثقافتي پناهگاهن کي بحال ڪري مذھبي رواداري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. سائرس سلينڊر رڳو پڪل مٽيءَ جو هڪ قديم نادر نمونو ناهي، پر هي اصل ۾ انساني شعور جي ان ارتقا جو زنده ثبوت آهي، جتي طاقتور بادشاھ پنهنجو سر انصاف جي آڏو جهڪايو. هي عظيم دستاويز اسان کي سيکاري ٿو ته هڪ پائيدار سماج ۽ اٽل سلطنت جو بنياد سر زمين جي فتح تي نه، پر انسانن جي مذهبي، ثقافتي ۽ نسلي حقن جي تحفظ تي هوندو آھي.

موجوده وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال واري دور ۾ سائرس اعظم جو هي منشور امن ۽ رواداريءَ جي اهو ابدي سبق آهي، جنهن جي گهرج جيتري اڍائي هزار سال اڳ هئي، اڄ ان کان به وڌيڪ آهي. هي سلينڊر هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته دنيا جو حقيقي فاتح اهو ناهي جيڪو شهرن، تعليمي ادارن، مذهبي عقيدن جي جڳهين، رياستي انفرااسٽرڪچر کي رک ڪري ڇڏي، پر اهو آهي جيڪو انسانيت جي پيرن مان غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي کين آزاديءَ جي هوا ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو فراهم ڪري. سائرس سلينڊر تاريخ جو اهو روشن ۽ اڻ وسرندڙ باب آهي، جيڪو وقت جي هر دور ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ هڪ عالمي مشعلِ راهه بڻجي سگهي ٿو.