تاريخ 13 مئي 2026ع تي دنيا جي ٻن طاقتور ملڪن جي بيجنگ ۾ ملاقات ٿي، آمريڪا جو صدر جڏهن چين پهتو ته سندس آجيان چين جي نائب صدر هانگ زنگ ڪئي. هي ڪنهن به آمريڪي صدر جو ڏهن سالن کانپوءِ پهريون دورو هو. چيني صدر شي جن پنگ 14 مئي 2026ع تي صدر ٽرمپ جو “گريٽ هال آف دي پيپل” ۾ استقبال ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون. هن وقت چين جيڪو تيزيءَ سان هڪ طاقتور ملڪ جي طور تي اڀري رهيو آهي، ان آمريڪا کي مجبور ڪيو آهي ته هاڻ ساڻس سفارتي لاڳاپن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وڃن. ٻنهي ملڪن جي نظرياتي فرق جي باوجود سندن سفارتي ڪوششون دنيا جي لاءِ هڪ مثبت پيغام آهن. ٽرمپ جو هي دورو جنهن جي ايجنڊا ۾ تائيوان، يوڪرين ۽ روس جو معاملو شامل هئا. ان کان علاوه ايران جي مٿان چين جي ذريعي دٻاءُ وجهڻ به ايجنڊا ۾ شامل هو. هن دوري جي سڀ کان وڏي معاشي خبرن مان هڪ خبر چين پاران 500 بوئنگ جهازن جي خريداريءَ جو اعلان آهي. هن ڊيل جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تجارتي خساري کي گهٽائڻ آهي. هن دوري دوران ايلون مسڪ ٽيسلا جي توسيع، بيٽري ٽيڪنالاجي ۽ آمريڪا ۾ چيني فيڪٽريون لڳائڻ تي اهم ڳالهيون ڪيون.
جيتوڻيڪ ٽرمپ موسمي تبديلين لاءِ پنهنجو هڪ ڌار موقف رکي ٿو، پر ان جي باوجود به ايجنڊا ۾ “گرين ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين” (EVs) جي مارڪيٽ تي بحث اهم رهيو. ان کان علاوه به ٽيڪنالاجيءَ جي ٻين ميدانن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ويچار ٿيو. هي ٻئي ملڪ اي آءِ جي خطرن ۽ ان لاءِ عالمي معيار مقرر ڪرڻ تي گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. تائيوان جو مسئلو هن دوري جو سڀ کان حساس ۽ پيچيده نقطو رهيو. چين آمريڪا کان اها پڪ ورتي ته تائيوان جي آزاديءَ جي کليل حمايت نه ڪندا ۽ هن علائقي ۾ موجوده صورتحال برقرار رکي ويندي. ڳالهين ۾ ٽرمپ اهو اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن چين واپار ۽ ايران واري معاملي ۾ آمريڪا سان تعاون ڪندو ته آمريڪا به تائيوان کي ڏني ويندڙ فوجي مدد جي رفتار ۽ نوعيت کي تبديل ڪندو. تائيوان ٻنهي ملڪن جي لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي، جتي جديد ڪمپيوٽر چپس تيار ٿينديون آهن. آمريڪا چاهي ٿو ته تائيوان جي چپس تائين صرف سندس پهچ برقرار رهي، جڏهن ته چين ان کي پنهنجو حصو سمجهي ٿو. تائيوان تي مستقل ڪو حل ته ٻئي ملڪ طئي نه ڪري سگهيا هن وقت تائيوان ٻنهي ملڪن لاءِ سڌي رابطي جو مضبوط سبب ضروري بڻجي ويو آهي. ٽرمپ ان دوري کي پنهنجي لاءِ هڪ معاشي فتح طور پيش ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ جنگ جنهن جو اڃان ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو، جنهن ۾ ايران هرمز واري لنگهه کي تيل جي فراهمي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ دنيا ۾ تيل جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن.
آمريڪا چاهي ٿو ته هي هر صورت ۾ کليل هئڻ گهرجي. ان کان علاوه آمريڪا ايران کي پنهنجي لبنان، يمن ۽ عراق مان پراڪسي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. ايٽمي پروگرام تي آمريڪا جو پراڻو موقف پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ڇو ته ايران جي ايٽمي صلاحيت اسرائيل لاءِ وڏو خطرو سمجهي وڃي ٿي. ان دوري جو مقصد اڻ سڌي طرح چين جي ذريعي ايران تي دوستاڻو دٻاءُ وجهڻ آهي. ڇو ته چين ايران جو تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي ۽ اهو پنهنجو سياسي اثر استعمال ڪري ايران کي امن جي ڳالهين ۽ هرمز لنگهه کي کولڻ لاءِ دٻاءُ وجهي راضي ڪري سگهي ٿو. جنهن جي بدلي ۾ آمريڪا شايد چين کي ڪجهه تجارتي رعايتون يا تائيوان جي مسئلي تي ساڻس نرمي ڪري. جڏهن ته چين تيل جي فراهمي ته چاهي ٿو، پر خطي ۾ آمريڪا جو غلبو هرگز نٿو چاهي، بدلجندڙ حالتون اهو ظاهر ڪري رهيون آهن ته ٻن طاقتور ملڪن جا مفاد شايد ايران جنگ جي خاتمي کي ممڪن بڻائين. ڇو ته ٻن طاقتور ملڪن جو ملڻ جيڪي نظرياتي طور تي هڪٻئي جا مخالف آهن، پر پنهنجن پنهنجن مفادن سبب هڪ ميز تي ويٺل آهن. ٽرمپ آمريڪا جو صدر هجڻ سان گڏ هڪ وڏو بزنس مين به آهي. جڏهن ايلون مسڪ جهڙو شخص گڏجاڻي ۾ ميز تي ويٺل هجي ته پوءِ ڳالهيون صرف سرڪاري بيانن تائين محدود نٿيون رهي سگهن. هاڻي هر ملڪ کي اهو اندازو آهي ته ڪوبه ملڪ اڪيلي سر زنده رهڻ جي صلاحيت نٿو رکي سگهي، ان لاءِ گڏيل بقا وارو فارمولو استعمال ڪرڻو پوندو. چين ۽ آمريڪا جو گڏجي بيهڻ ان جو ثبوت آهي. ٻنهي سربراهن جي ملاقات هڪ گهري سفارتي نقطي طرف اشارو ڪري ٿي، جتي ممڪن آهي ته ٽرمپ کي هڪ اهڙي وٿي ملي وڃي، جنهن سان هو ايران واري معاملي ۾ بهتر طريقي سان فيصلا ڪري سياسي گنجائش حاصل ڪري وٺي ۽ واپس وڃي پنهنجي ملڪ ۾ اهو چئي سگهي ته هن چين کي قائل ڪيو آهي ته هو ايران کي لغام ڏيندو. جڏهن ته ايران اهو چئي سگهندو ته اسان پنهنجي دوست چين جي چوڻ تي عالمي امن لاءِ لچڪ ڏيکاري آهي. اهڙيءَ ريت ٻنهي ڌرين جي انا محفوظ رهندي ۽ هڪ سٺي ڊيل ٿي سگهندي. ايران جي حڪمران طبقي کي به ان ڳالهه جو اندازو آهي ته جنگ سندن معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ان ريت ٽرمپ کي نومبر جي چونڊن کان اڳ هڪ وڏي خارجي پاليسي فتح حاصل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران کي win win واري صورتحال حاصل ٿي سگهي ٿي. اميد ته هيءَ ملاقات ايران سان جنگ ختم ڪرڻ يا ڪنهن وڏي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هڪ مضبوط سفارتي قدم ثابت ٿيندي.