زندگي فطرت جو سڀ کان وڏو معجزو ۽ نادر تحفو آهي، زمين تي زندگيءَ جو وجود ئي ان کي ممتاز ڪري ٿو. پنهنجي ۽ ٻين جي زندگيءَ جو قدر ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ انسانيت جي پهرين ذميداري آهي، پر اڄ جو انسان هن زندگيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ ئي نجات سمجهي رهيو آهي. انسان ايٽمي هٿيار ٺاهي انسانيت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، پر اتي به بس نه ڪئي. اڄ جي دور ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگي ختم ڪري رهيا آهن. هي اهي ماڻهو آهن جن کي توهان روزانو پنهنجي گهٽين، پاڙن، بازارن، آرڪيڊز، پارڪن ۽ مختلف هنڌن تي نشي ۾ ڌت ڏسندا آهيو. نشو هڪ اهڙي لعنت آهي جيڪا انسان کي پنهنجن حواسن کان ڪڍيو ڇڏي پوءِ نه ڪو دين جو نه دنيا جو، ايئن انسان آهستي آهستي موت جي آغوش ۾ هليو وڃي ٿو. منشيات هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ سنگين مسئلو بڻيل آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ سخت قانون ۽ سزائون آهن. سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ منشيات جي اسمگلنگ جي سزا موت آهي، پر ان جي باوجود به منشيات مافيا انهن ملڪن ۾ به موجود آهي. منشيات پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جي نوجوانن جي زندگين ۽ قوم جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. پاڪستان ۾ منشيات جي استعمال بابت انگ اکر حيران ڪندڙ آهن، منشيات ڪنهن به شخص جي ذهني حالت ۽ رويي کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان جو استعمال ذهني ۽ جسماني تڪليف کي تيز ڪري ٿو. هر دوا جو پنهنجو مخصوص ڪم هوندو آهي. ڪجهه دوائون ذهن کي پرسڪون ڪن ٿيون ۽ ڪجهه ان کي متحرڪ ڪن ٿيون. ڪجهه نيون دردناڪ دوائون آهن ۽ ڪجهه سوچ کي اڀاريندڙ آهن. روايتي طور تي ڀنگ، حشيش، شراب ۽ آفيم ننڍي کنڊ ۾ عام آهن. انهن جو استعمال گذريل ڪجهه سالن ۾ هڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ويو آهي. اسان وٽ هيءَ وبا 1980ع کانپوءِ تيزي سان پکڙجي وئي آهي. منشيات جا جيڪي قسم سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن انهن ۾ هيروئن، حشيش، آفيم، ڪوڪين ۽ شراب شامل آهن. عام طور تي نشو تفريح، دٻاءُ يا علاج جي طور تي شروع ڪيو ويندو آهي. ماڻهو نتيجي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ خوشيءَ توڙي غميءَ جي موقعن تي منشيات استعمال ڪندا آهن. پاڪستان ۾ ڪيترا شهري منشيات استعمال ڪري رهيا آهن، ان بابت وفاقي يا صوبائي حڪومتون سالياني ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ ڪا به تحقيق نٿيون ڪن، پر مختلف نجي ادارن پاران گڏ ڪيل ڊيٽا موجب نشي ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد ست ملين کان ڏهه ملين جي وچ ۾ آهي. تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ منشيات جي غير قانوني واپار ۾ ملوث ماڻهن جو تعداد 67,000 کان هڪ لک تائين آهي ۽ انهن مان هڪ وڏو تعداد 25 کان 39 سالن جي عمر جي وچ ۾ آهي. ٻيو وڏو گروپ 15 کان 24 سالن جي عمر وارن ماڻهن جو آهي. هڪ تحقيق موجب 80 سيڪڙو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سڌي يا اڻ سڌي طرح منشيات استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن جو گهڻو استعمال ڪڏهن ڪڏهن موت جو سبب بڻجي ٿو. شراب پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ منشيات آهي، ان جي ڪارخاني کي قانوني طور تي لائسنس پڻ ڏنو ويو آهي. هر سال ٻه ۽ اڍائي لک ماڻهو منشيات جي ڪري مرن ٿا. پاڪستان ۾ منشيات جي استعمال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي منشيات جي ڪاروبار ۾ عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون تمام تيزيءَ سان شامل ٿي رهيون آهن. تازو ئي منشيات جي ڪاروبار ۾ پندرهن سالن کان ملوث ملزمه انمول عرف پنڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس باري ۾ هڪ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي ته هن گرفتاري کان اڳ پنهنجو جانشين به مقرر ڪيو آهي. ذريعن موجب ملزمه جي هڪ آڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي گراهڪن کي ٻڌائي رهي آهي ته جيڪڏهن هن کي ڪجهه ٿئي ٿو ته اهي ساڳئي نمبر تي ساڻس رابطو ڪندا رهن ۽ جيڪو ان جو ويجهو ساٿي هوندو اهو سمورو معاملا سنڀاليندو. رپورٽن موجب اي اين ايف جي ڇاپي دوران، ملزمه جي ساٿين نسيم بي بي ۽ محمد ڪامل کي بلاول چورنگي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن وٽان وڏي مقدار ۾ ڪوڪين ۽ حشيش هٿ ڪئي وئي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ته ملزمه اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي به گهربل هئي ۽ سندس خلاف ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن، جن مان پهريون ڪيس 2019 ۾ داخل ڪيو ويو هو. اي اين ايف موجب جوابدار جي نيٽ ورڪ ۽ رابطن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته سنڌ جي گهرو وزير جي حيثيت سان کيس انمول پنڪي ڪيس ۾ پوليس جي رويي کي ڏسي ڏک ۽ شرمساري ٿي آهي. هن نظام تي سوال اٿاريو آهي ته ڇا ڪنهن ملزم کي ان طريقي سان گرفتار ڪيو ويندو آهي؟ هن وقت هي ڪيس ٽيسٽ ڪيس بڻجي چڪو آهي، اهوئي سبب آهي جو لنجار صاحب هڪ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي، انٽيليجنس ايجنسين جو هڪ نمائندو ۽ هڪ بيوروڪريٽ شامل هوندو، جيڪي جائزو وٺندا ته پوليس عدالت ۾ ريمانڊ چالان ڪيتري مضبوطيءَ سان پيش ڪيو آهي. ملزمه جي خلاف سڀني ڪيسن ۾ ريمانڊ ورتو ويندو ۽ اهو يقيني بڻايو ويندو ته هوءَ ٻيهر ٻاهر نه اچي سگهي. انمول پنڪي صرف هڪ ملزمه نه، پر هڪ منشيات جو برانڊ هلائيندڙ ڪارخانيدار آهي، ڪراچي ۾ اهڙا ڪيترائي منشيات اسمگلنگ جا گينگ آهن، جيڪي نوجوانن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن. گارڊن پوليس اسٽيشن جي ٽن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عورت مئجسٽريٽ خلاف به درخواست داخل ڪئي ويندي، ڇو ته اهڙي حساس ڪيس ۾ 24 ڪلاڪن جو ريمانڊ نه ڏيڻ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو. ڪراچي جي گهٽين ۾ هلندڙ مبينا منشيات جي نيٽ ورڪ سنڌ حڪومت کي لوڏي ڇڏيو آهي. پهريون ڀيرو سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار انمول عرف پنڪي ڪيس تي کلي ڳالهايو ۽ پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريا. هن اهو به اعتراف ڪيو ته هن سڄي معاملي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو رويو نه رڳو مايوس ڪندڙ هو، پر حڪومت لاءِ شرمندگيءَ جو سبب پڻ هو. گهرو وزير اشارو ڏنو ته هي ڪيس صرف هڪ عورت جي گرفتاري تائين محدود نه هوندو، پر ڪراچي ۾ پنهنجون پاڙون پکيڙيندڙ مبينا ڊرگ مافيا خلاف هڪ وڏي آپريشن جي شروعات ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته انمول پنڪي ڪو عام ڪردار نه، پر هڪ مرڪزي نالو آهي، جنهن جي چوڌاري سڄو نيٽ ورڪ گهمي ٿو. اهوئي سبب آهي جو حڪومت فوري طور تي هڪ اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن جاچ، ريمانڊ ۽ قانوني ڪارروائي ۾ ڪٿي ڪمزوريون هيون اهو معلوم ڪري سگهجي. گهرو وزير ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ هن وقت مختلف منشيات جي اسمگلرن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي، جنهن تي يقينن سوال وري به پيپلز پارٽي جي حڪمراني تي اٿي ٿو. هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ انڪشاف ڪيو آهي ته تازو گرفتار ٿيل جوابدار انمول عرف پنڪي ملڪ ۾ منظم منشيات جي فراهمي جو نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي جيڪا جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪافي عرصي کان گهربل هئي ۽ سندس گرفتاري سنڌ پوليس جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن لاءِ اهي مبارڪ جا مستحق آهن. شرجيل ميمڻ واضح ڪيو ته ڄاڻايل نيٽ ورڪ نوجوان نسل کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ ۾ ملوث هو ۽ حڪومت سماج کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪندي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا پنڪي سميت سڄي سنڌ مان پڪڙيل منشيات جا ڏوهاري قانوني گرفت ۾ اچڻ کانپوءِ منشيات جو خاتمو اچي ويندو؟ منشيات جي روڪٿام لاءِ سرڪار وٽ اڳتي ڪهڙي حڪمت عملي آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ واضح پاليسي ڪهڙي آهي؟ ڇو ته هن جديد دور جو سڀ کان وڏو ۽ خوفناڪ الميو منشيات آهي، جنهن زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسان کي پنهنجي جان جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. هر سال 100,000 کان وڌيڪ ماڻهو منشيات جي ڪري پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويهن ٿا. ماهرن مطابق گهڻي ڀاڱي منشيات اتر اولهه قبائلي علائقن ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان مان فراهم ڪئي ويندي آهي. هن وقت سڀ کان وڏو دشمن اهڙو شراب آهي جيڪو ڪچي ۽ زهريلي مال مان تيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي پيئڻ سان انسان جا آنڊا به ڪٽجي وڃن ٿا. ان کان علاوه حشيش، ڀنگ، شراب، آفيم، ڪوڪين ۽ هيروئن پڻ شامل آهن. عام ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي صحت جي لاءِ پنهنجي ذميداري محسوس ڪندي سگريٽ کان به پاسو ڪن. ڇو ته اها اسان جي ڦڦڙن کي نقصان پهچائي ناڪاره بڻائي ٿو ۽ مختلف قسمن جي ڪينسرن جو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن مريض کي ڊاڪٽر آرام جي ڪا دوا لکي ڏئي ٿو يا سندس نسخي ۾ ڪا اهڙي شيءِ شامل آهي جنهن ۾ نشي وارو ڪو ڪيميڪل شامل آهي، پر اها ان جي صحت جي لاءِ ضروري آهي ته ان کي ڊاڪٽر جي هدايت مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي. هن وقت سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي نوجوان نسل کي مختلف قسمن جي منشيات وارين شين جي ڪري ٿي رهيو آهي. جنهن ملڪ جو نوجوان نسل نشي جو عادي ٿي ويندو ان ملڪ جو مستقبل يقينن تباهه ٿي ويندو. تنهنڪري سماج ۽ سماجي تربيت لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن، صحت جي اهميت جي باري ۾ وڌ کان وڌ آگاهي ڏني وڃي ۽ ماڻهن کي صحتمند زندگي گذارڻ جي لاءِ صحتمند ماحول فراهم ڪيو وڃي.