بلاگنئون

ايران، آمريڪا ۽ بدلجندڙ عالمي منظرنامو

دنيا کي اھا ڳالھه ناممڪن لڳي رھي ھئي ته ڪا سپر پاور دنيا جي قوت ايران جي آڏو بيوس، محتاج ۽ لاچار بڻيل نظر ايندي. ڪيترن ئي ليکڪن ۽ تجزيه نگارن مطابق ايران کان وڌيڪ آمريڪا ھر لحاظ کان طاقتور آھي ۽ ايران گھڻي وقت تائين آمريڪا جو مقابلو ڪري نه سگھندو، پر دنيا ڏٺو ته ايران نه رڳو مقابلو ڪيو، پر پنھنجي جديد ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي اوزارن وسيلي آمريڪا جي اربين کربين رپين جي قيمتي نظامن کي به سخت نقصان رسايو، جن کان دنيا جا ڪيترائي ملڪ خوف ۾ ورتل ھئا. آمريڪا ۽ اسرائيل جو خيال ھو ته ايران ۾ رجيم چينج آڻڻ ۽ موجوده نظام کي درھم برھم ڪرڻ صفا سولو آھي، پر شايد کين اھا خبر نه ھئي ته ايران، دنيا آڏو سپر پاور ملڪن کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي اڳواڻ خلاف سخت پاليسيون اختيار ڪري اھو سمجھيو ته شايد ايران سان به ائين ڪري وٺندو، پر سندس اِھي خواب خواب ئي رھجي ويا. ٽرمپ ۽ سندس حامين جو خيال ھو ته سيد علي خامنائي کانپوءِ رضا شاھ پهلوي رجيم چينج جي صورت ۾ ايران جي حڪومت سنڀاليندو ۽ ايران ۾ اھوئي ٿيندو جيڪو آمريڪا چاھيندو، پر چوندا آھن ته بندي جي من ۾ ھڪڙي، خدا ڪري ٻي. ايران ۾ رجيم چينج ته ٺھيو، پر ھاڻي پاڻ وڏيون قوتون پنھنجون حڪومتون ۽ سياسي مفاد بچائڻ لاءِ مذاڪرات ڏانھن وڌي رھيون آھن.

انگريز جڏھن ملڪن تي قبضو ڪندا ھئا ته چوندا ھئا ته ھي اڻ سڌريل آھن ۽ اسين کين سڌارڻ آيا آھيون، پر حقيقت ۾ انھن سان غلامن کان به بدتر سلوڪ ڪيو ويندو ھو ۽ سندن وسيلن وسيلي پنھنجا خزانا ڀريا ويندا ھئا. مغرب جي ماڻھن کي وڏي شعور وارو سمجھيو ويندو آھي، پر حيرانگي ان ڳالھه تي ٿئي ٿي ته ڊونلڊ ٽرمپ جھڙي شخصيت کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين ڪيئن پھچايو ويو. سندس بيانن بابت اھا راءِ عام آھي ته ھو ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجي موقف تي قائم نه رھندو آھي. صبح جو ھڪ بيان، شام جو وري ٻيو بيان، ڪڏھن جنگبندي جا اعلان ته ڪڏھن وري سخت ڌمڪيون، جنھن سبب سندس حمايتي ملڪ به ھاڻي سندس بيانن کي احتياط سان وٺڻ لڳا آھن. ايران شھيدن جي سرزمين رھي آھي. شھادت حاصل ڪرڻ سندن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالھه سمجھي ويندي آھي. انھن جنگ جي ميدان ۾ ڪڏھن به لڪڻ، جھڪڻ يا ڀڃڻ نه سکيو آھي، پر ھر دور ۾ بهادري، مزاحمت ۽ حوصلي سان پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن باوجود ۽ ڪيترين ئي عظيم شخصيتن جي شھادت کانپوءِ به ايران اڄ به دنيا ۾ مضبوط مزاحمتي قوت طور بيٺل نظر اچي ٿو. ايران ٻن وڏين عالمي قوتن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. نيتن ياهو کي بنڪرن ۾ لڪڻ تي مجبور ٿيڻ جون خبرون به عالمي ميڊيا ۾ گردش ڪنديون رھيون، جڏھن ته تل ابيب سميت اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ خوف ۽ بيچيني واري صورتحال پيدا ٿي. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ دوران آمريڪي ايئربيس رکندڙ عرب ملڪ ايران جي نشاني تي رھيا  ۽ کين نقصان کي منھن ڏيڻو پيو. سامونڊي لنگھه آبنائي ھرمز جي صورتحال سبب عالمي واپار ۽ تيل جي رسد تي به وڏا اثر پيا، جنھن ڪري دنيا کي معاشي پريشانين ۽ مهانگائي کي منھن ڏيڻو پيو. ايران جي طاقتور حملن ۽ مزاحمتي حڪمت عملي سبب آمريڪا کي به ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجي حڪمت عملي تي ٻيھر غور ڪرڻو پيو. اسين انھن ھستين جا پوئلڳ آھيون، جن سر سجدن ۾ ڏئي شھادتون ماڻيون، پر ظلم آڏو ڪنڌ نه جھڪايو. اڄ به امام حسين عليه السلام جا مڃيندڙ حق ۽ مزاحمت جي علامت طور بيٺل آھن ۽ ھر دور جي ظلم خلاف آواز بلند ڪن ٿا. ايران به دنيا آڏو اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ايمان، حوصلي ۽ قومي اتحاد آڏو وڏيون طاقتون به ھميشه پنھنجي مرضي لاڳو نٿيون ڪري سگھن. رھبر اعليٰ سيد علي خامنائي جي شھادت کانپوءِ نئين سپريم ليڊر جي ايراني قانون مطابق چونڊ ڪئي وئي جنھن ۾ اڪثريت ووٽ سان مجتبيٰ خامنائي کي ايران جو سپريم ليڊر منتخب ڪيو ويو. مجتبيٰ خامنائي پڻ شروعاتي حملي دوران سخت زخمي ٿي پيو ھو. ايران جو حڪومتي نظام دور انديشي سوچ ويچار تي بڻيل آھي. جيڪڏهن ڪو اڳواڻ شھيد ٿي وڃي ٿو ته ان جي پويان ٻي اھم شخصيت عھدو سنڀاليندي جيستائين ڪنھن ٻئي کي منتخب ڪيو وڃي. رھبر اعليٰ سيد علي خامنائي ۽ علي لاريجاني جي شھادت ايران لاءِ وڏو صدمو آهي.

نيتن ياهو اڳ ئي دنيا جي امن ۽ ترقيءَ لاءِ خطرو بڻيل سمجھيو وڃي ٿو. سندس سخت پاليسين ۽ جنگي حڪمت عملين سبب رڳو وچ اوڀر ئي نه، پر دنيا جا ڪيترائي ملڪ معاشي، مالي ۽ جاني نقصان ڀوڳڻ تي مجبور ٿيا آھن. مسلمان ملڪن تي ٿيندڙ ظلمن سبب اسلامي دنيا ۾ به ڳڻتي ۽ بيچيني وڌي آھي.  جنگ جي ڪري ايران، اسرائيل، آمريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي وڏو نقصان رسيو. سامونڊي لنگھه متاثر ٿيڻ سبب تيل جي رسائي گھٽجي وئي، جنھن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي وڌي وئي. ان جنگ جي صورتحال ۾ پاڪستان ھڪ اھم ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪيو ۽ پنھنجو نالو مٿانهون ڪيو. وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا سفارتي قدم ساراھ جوڳا قرار ڏنا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالھين لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پھرئين مرحلي ۾ مذاڪرات مڪمل طور ڪامياب نه ٿي سگھيا، ڇو ته ايران ايٽمي پروگرام بابت سخت شرطن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. ڳالھين ۾ ھڪ پاسي ايران جا اعليٰ تعليم يافته ۽ تجربيڪار اڳواڻ موجود ھئا، جڏھن ته ٻئي پاسي آمريڪا جون سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل ھيون. ھاڻي به جنگبندي جي فضا ۾ مذاڪرات لاءِ ڪوششون جاري آھن ۽ دنيا اميد رکي ٿي ته مسئلن جو حل جنگ بدران سفارتڪاري وسيلي نڪرندو. ٻئي پاسي ڳالھين جي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چين جو دورو اھو ظاھر ڪري ٿو ته آمريڪا مذاڪرات لاءِ وس آهر ڪوشش ڪري پيو ته ايران کي پنھنجون شرطون مڃرائي معاهدو ڪري سگھي، پر في الحال عالمي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل ٿيندي نظر اچي پئي. سپر پاور سڏجندڙ ملڪ پوئتي ڌڪجي رھيا آھن. چين ۽ روس پنھنجو مقام طاقتور بڻائي رھيا آھن. مستقبل ۾ ٿي سگھي ٿو ته روس ۽ چين سپر پاور بڻجي دنيا جي نقشي تي اڀرن. آمريڪا اسلام آباد ٽاڪس کي ھاڪاري انداز ۾ عالمي سطح تي پيش ڪيو آھي. اميد آھي ته اسلام آباد ٽاڪس ڪاميابي حاصل ڪنديون ۽ دنيا ۾ امن قائم ٿيندو.