ايڊيٽوريلنئون

بين الاقوامي سيڙپڪارن ۽ فنڪارن جو اعتماد اڃان به دبئي تي قائم آهي

ايران ۽ آمريڪا جي جنگ دبئي جي بزنس ماڊل کي انتهائي حد تائين متاثر ڪيو آهي. دبئي لاءِ اها ڳالهه مشهور هئي ته هتي توهان جو پئسو به محفوظ آهي ته توهان جو گهر به محفوظ آهي، جيڪا ايران ۽ آمريڪا جي جنگ کانپوءِ مشڪوڪ بڻجي وئي. ڪيترائي وڏا وڏا سيڙپڪار دنيا جي مختلف حصن مان پئسو کڻي دبئي پهتا هئا، انهن جنگ دوران پنهنجن خاندانن سوڌو پرائيويٽ جهاز چارٽر ڪري واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن اڏام ڀري. وقت هڪ جاءِ تي ناهي بيهندو، زنده قومون مشڪل وقتن ۾ ڦاسڻ کانپوءِ وري انهن مان راهه ڪڍي نئين سفر جي تياري ڪنديون آهن. دبئي جو سڄو معاشي ڍانچو سياحت ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي، ڇو ته عرب امارات جي تيل جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن ۽ اتان جا حڪمران چاهين ٿا ته وقت جي  تبديليءَ کان اڳ ئي انهن ذخيرن کي وڪڻي متبادل رستا اختيار ڪجن. هن جنگ ڪيترن ئي ملڪن جي نفسياتي، سياسي ۽ رهنمائن جي انائن جا پرده به چاڪ ڪيا آهن. يو اي اِي جو اوپيڪ مان نڪرڻ به صرف معاشي فيصلو ناهي، پر ان جي پويان شخصي قيادت جي انا ۽ بالادستيءَ جي جنگ پڻ شامل آهي.

ماضيءَ ۾ شيخ محمد بن زايد النهيان، محمد بن سلمان جو استاد سمجهيو ويندو هو، پر هلندڙ وقت ۾ محمد بن سلمان سعودي عرب لاءِ Vision 2030 اختيار ڪيو، جنهن ۾ هن نيوم جهڙو نئون شهر تعمير ڪرڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي گهرايو ۽ کين اهو چئي گهرايو ويو ته اهي يو اي اِي مان پنهنجا هيڊ آفيس رياض کڻي اچن، جنهن دبئي جي قيادت جي انا ۽ معيشت کي سڌو سنئون چئلينج ڪيو. اهو جهيڙو جنگ دوران يو اي اِي جو اوپيڪ مان نڪرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. سعودي عرب چاهي ٿو ته تيل جي پيداوار گهٽ رکي وڃي، پر يو اي اِي تيل وڪڻي جلد پئسا ڪمائڻ چاهي ٿو ته جيئن دنيا جي گرين انرجي طرف تيزيءَ سان وڌڻ کان اڳ هو پنهنجو تيل وڪڻي سگهي. يو اي اِي صرف پنهنجي وچ اوڀر جي خطي لاءِ نه، پر ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سڀني ملڪن جي معاشيات لاءِ اهم آهي ۽ مستقبل ۾ به ان جو معاشي استحڪام خطي جي ٻين ملڪن لاءِ انتهائي اهم آهي. هتي پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، مصر ۽ موراڪو جهڙن  ملڪن جا لکين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن، جيڪي هر سال اربين ڊالر پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا ۽ انهن ملڪن جي معيشت پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿي ۽ لکين خاندانن جي چلهه ٻري ٿي. نه صرف ايترو، پر يو اي اِي واپار جو اهو مرڪز آهي، جتي دنيا جو ڪيترو ئي تيار ٿيل سامان ۽ کاڌي پيتي جون شيون پهچن ٿيون ۽ اتان کانپوءِ فري ٽريڊ زون هجڻ جي ڪري دنيا جي ٻين ڪيترن ئي حصن تائين پهچن ٿيون. جنهن مان ڪيترائي ملڪ معاشي فائدو حاصل ڪن ٿا. دبئي دنيا جو مصروف ترين هوائي رستن جو مرڪز آهي.

امارات ايئرلائين ۽ دبئي ايئرپورٽ نه صرف اولهه ۽ اوڀر کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا، پر خطي جي ٻين ملڪن جي هوائي ڪمپنين ۽ سياحت جي صنعت کي به هٿي وٺرائين ٿا. هن تازي جنگ دبئي جي سڃاڻپ لاءِ وڏا خطرا پيدا ڪري ڇڏيا، پر دبئي انتظاميه پنهنجن موجوده خطرن مان نڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. جنهن جو هڪ ننڍو مثال “آرٽ دبئي فيسٽيول” جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هي بين الاقوامي ملڪن وچ ۾ آرٽ جو سڀ کان وڏو ساليانو ميلو هوندو آهي، جنهن ۾ دنيا جي وڏن وڏن فنڪارن جا فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويندا آهن، پر هن ڀيري هن ميلي جو انعقاد ڪرڻ ۾ انتظاميه ڳڻتيءَ جو شڪار هئي ته هن تقريب کي اڳتي وڌائجي يا نه، پر پوءِ هن ميلي کي مفت اينٽري لاءِ کوليو ويو آهي، جيڪو 15 مئي 2026ع تي شروع ٿيو. عام طور تي انتظاميه 10 هزار ٽڪيٽون وڪرو ڪندي آهي، پر هن ڀيري ماڻهن جون 16 هزار مفت رجسٽريشن جون درخواستون وصول ڪيون ويون آهن. اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ به ڪجهه بين الاقوامي گئلرين جي مالڪن دبئي جو دورو ڪيو، جن ۾ فرانس جو فرينڪ الباز ۽ لبنان سان تعلق رکندڙ هڪ گئلري جي مالڪ صالح برڪات يڪجهتيءَ جي اظهار طور هن ميلي ۾ شرڪت ڪئي. صالح برڪات چيو، “اسان سڀ هن سال هتي ان لاءِ موجود آهيون ته جيئن پنهنجي حاضري يقيني بڻائي سگهون ۽ چئي سگهون ته زندگي روان دوان رهي ٿي.” آرٽ دبئي جي انتظاميه پنهنجي پيغام ۾ حڪومت جي لچڪدار رويي بابت ٻڌايو ته “مشڪل حالتن باوجود به انتظاميه ۽ قيادت هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران رستا ڪڍڻ ڄاڻي ٿي.” ميلي کي دير سان، پر منعقد ڪرڻ ئي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. فرانس جي فرينڪ الباز جهڙي عالمي گئلري جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هتي سرگرميون تيز آهن ۽ دبئي اڃان مستقبل جو هنڌ آهي. جيڪو ان ڳالهه جو اعلان آهي ته بين الاقوامي سيڙپڪارن ۽ فنڪارن جو اعتماد اڃان به دبئي تي قائم آهي. صالح برڪات جهڙن ماڻهن جو اچڻ به ان ڳالهه جو اعلان آهي ته دبئي اڃان تائين سڄي خطي لاءِ هڪ اهڙو گڏيل پليٽفارم آهي جتي ماڻهو گڏ ٿي زندگيءَ جي روان دوان هجڻ جو پيغام ڏين ٿا. مشهور چوڻي آهي ته “هزار ميلن جو سفر هڪ ننڍڙي قدم سان شروع ٿيندو آهي.” دبئي جي قيادت پنهنجي وڃايل ساک ۽ مالي مرڪز واري سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ لاءِ ننڍڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪي تمام اهم آهن. اهڙيون ننڍڙيون ثقافتي ۽ اقتصادي ڪاميابيون عوام ۽ عالمي برادريءَ جي ذهن مان خوف ڪڍي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون.