سنڌ جي سرسبز ڌرتيءَ جي نوجوانن سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جيڪو ظلم ۽ ناانصافيءَ جو سلسلو جاري آهي، سو هاڻي برداشت جي حدن کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. هي ادارو جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڌرتيءَ تي قابليت ۽ ميرٽ جو پرچم بلند رکڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو، اڄ سفارش، اقربا پروري ۽ مفادن جي بازار بڻجي ويو آهي.
پهرين امتحانن جي شفافيت تي سواليا نشان لڳي ويا آهن، پيپرز جي ليڪيج ۽ نتيجن جي اڳواٽ ورهاست اهڙي ريت ٿي رهي آهي، ڄڻ ته نوجوانن جي محنت کي مٽيءَ ۾ ملايو پيو وڃي. اهڙي ماحول ۾ ڏينهن رات ڪتابن سان مٿو ٽيڪيندڙ شاگرد پاڻ کي ٺڳيل ۽ لاوارث محسوس ڪن ٿا. ٻيو، انٽرويو جي ايوانن ۾ به ميرٽ جو چراغ وسامي ويو آهي. هتي قابليت نه، پر سفارش ۽ سڃاڻپ جو سڪو هلي ٿو، اها روش نه رڳو نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو آهي، پر سنڌ جي مستقبل کي به اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. ٽيون، بار بار ٿيندڙ بي ضابطگيون، پيپرز جي منسوخي ۽ نتيجن ۾ غير ضروري دير، نوجوانن جي ذهني سڪون کي تباهه ڪري رهي آهي. هڪ پاسي بيروزگاريءَ جو عفريت وات ڦاڙي بيٺو آهي ته ٻئي پاسي هي ادارو اميدن جي شمع وسائي رهيو آهي.
سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا شاگرد سالن جا سال مقابلي واري امتحانن جي سفر ۾ پنهنجي جواني، وقت، پئسو ۽ توانائي لڳائي ڇڏيندا آهن، پر آخر ۾ ميرٽ جي قتل سبب سندن هٿ ۾ سواءِ نااميديءَ ۽ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ايندو آهي. راتين جو اوجاڳا ڪندڙ ۽ غربت وساري ڪتابن سان ساٿ نڀائيندڙ نوجوانن جي محنت کي هڪ قلم جي ضرب سان رد ڪري ڇڏيو وڃي ٿو. هي رڳو وقت جو ذيان ناهي، پر هڪ پوري نسل جي خوابن جو قتل آهي. سنڌ جي نوجوانن جو آواز هاڻي بلند ٿي چڪو آهي، سندن مطالبو سادو ۽ جائز آهي: ميرٽ بحال ڪيو وڃي، شفافيت جو نظام قائم ڪيو وڃي ۽ هن مقدس اداري کي بدنام ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اسان سنڌ حڪومت کي پُر زور اپيل ٿا ڪريون ته هو هن ميرٽ ڪشيءَ ۾ ملوث هر جوابدار وڏو هجي يا ننڍو، ان کي فوري طور تي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سخت احتساب ڪري اهڙو مثال قائم ڪيو وڃي ته آئنده ڪوبه قابليت جي خون سان هٿ رنڱڻ جي جرئت نه ڪري. جيڪڏهن اڄ اسين خاموش رهنداسين ته سڀاڻي اسان جي ايندڙ نسلن کي به انهيءَ ناانصافيءَ جو ڏنگ کائڻو پوندو. قابليت جو قتل دراصل هڪ قوم جي روح جو قتل آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سمجهڻ گهرجي ته نوجوانن جو صبر، برداشت ۽ محنت لامحدود نه آهي. جيڪڏهن وقت سر اصلاح نه ڪئي وئي ته تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.