سڄي زندگي علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندڙ سنڌي قوم، ٻولي ۽ ادب جو سرمايو آپا مريم مجيدي اڄ اسان کان موڪلائي وئي. سندس وفات تي سڄي سنڌ سوڳوار آھي. آپا مريم مجيدي بنت محمد خان مجيدي جو تعلق جتوئي خاندان سان هو، پاڻ 15 جون 1946ع (اسڪول رڪارڊ ۾ 1943ع) تي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ پيدا ٿي. پاڻ پرائمري تعليم ۾ پھريان ٽي درجا دڙو بوائز پرائمري اسڪول ۽ اُن کانپوءِ سيڪنڊري جي اٺن درجن تائين تعليم چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيا. ان بعد ايس وي ٽريننگ وومين ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان 62-1961ع ۾ ڪئي. جڏهن ته مئٽرڪ پرائيويٽ اُميدوار طور 1970ع ۾ بوائز ڪاليج ٺٽي مان پاس ڪيائين. اهڙي طرح بي ايڊ 1973ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ ۽ ايم ايڊ 1984ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪئي. آپا مريم مجيدي نوڪري جي شروعات سيپٽمبر 1960ع ۾ بطور پرائمري اُستاد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو کان ڪئي. پاڻ لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندن پھريون شعر اُن وقت جي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي “برسات” ۾ ڇپيو. پاڻ ڪجهه مقالا، ڪالم ۽ ڪھاڻيون به لکيون جيڪي روزاني سوڀ ۽ روزاني جاڳو اخبار ۾ شايع ٿيون، پر سندس لکڻ جو اصل محور شاعري ئي رهي، جنھن ۾ ھن پنھنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪئي. مريم مجيدي جو پھريون شعري مجموعو سروم دکم دکم 1986ع ۾ ڇپيو، جنھن کي بھترين شاعري جي مد ۾ ٽي ايوارڊ مليا. مريم مجيدي جي شاعري ۾ جتي سونھن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو، اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت انسان جي ابدي خوشين ۽ آجپي جو چٽو تصور ۽ واضح پيغام به سندس شاعري ۾ موجود آھي. مريم مجيدي جو جيتوڻيڪ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو نه رهيو آھي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجھدن جي نشاندھي جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. شايد اِھوئي ڪارڻ آھي جو جڏهن به ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينھن آيا آھن ته ھوءَ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آھي. سندس ان ئي عمل جي ڪري 17.10.2012 ۾ حڪومت طرفان مڙهيل مڪاني سرشتي جي ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻڻ جي الزام ۾ مٿس دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. سندس خوبصورت غزل آهي ته: