بلاگنئون

نٽھڻ اُس، شديد گرمي ۽ مزدور جي محنت

اڄڪلهه سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرمي شدت اختيار ڪري چڪي آهي. گرميءَ جي موسم ۾ تيز اُس سبب انساني زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آھي، پر تنهن هوندي به اسان جو پورهيت ۽ مزدور طبقو ان شدت جي گرمي ۽ هيٽ ويو واري صورتحال  هئڻ باوجود پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ نٽھڻ اُس ۾ به عام رواجي طور مزدوري ڪري رهيو آھي، جتي امير توڙي وچولي طبقي وارو انسان اهڙي نٽھڻ اُس ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ به گوارا نه ڪندو، اتي اسان جو پورهيت مزدور ٻچڙن جو پيٽ پالڻ لاءِ نٽھڻ اُس ۾ به مزدوري ڪندي نظر اچي ٿو. نٽھڻ اُس هجي يا سخت سردي، مزدور ويچارو هر حال ۾ پورهيو ڪندي نظر اچي ٿو ۽ پورهئي کان نظر نٿو چورائي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو مزدور ۽ سندس محنت ئي آھي جيڪو ڪهڙي به تبديل ٿيندڙ موسمي حالاتن سبب مزدوري ڪندي سماجي ڪاروهنوار توڙي ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آھي. ڪنهن به شعبي ۾ نظر ڦيرائجي ته ان شعبي جي مزدور جي نه هئڻ سبب ڦيٿو ڦرڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آھي، سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ به اهو مزدور ئي پاڻ ملهائي رهيو آھي ته ملڪ جي صنعت توڙي زراعت ۾ به اسان جي انهن مزدورن ۽ هارين جي محنت ۽ سندن پگهر شامل آھي، جو هن معاشري جو چرخو هلي رهيو آھي. هاڻي ڳالهه اها آھي ته موٽ ۾ مزدور ويچاري کي ملي ڇا رهيو آھي؟ اجرت جي صورت ۾ ڏهاڙي ايتري جو هن جي گهر جو گاڏو هلڻ به مشڪل ٿيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا ڪنهن ٻئي سبب هو مزدوري تان ناغو ڪري ٿو ته سندس ٻچا فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿيو وڃن، يعني کيس ايتري به پڪ ڪونهي رهندي ته سڀاڻي هن جا ٻچا پيٽ ڀري ٻن وقتن جي ماني کائي به سگهندا يا نه…!

هڪ طرف ملڪي حالات ايترا ته سنگين بڻجي چڪا آھن جو مزدور ته پنهنجي جاءِ تي، پر عام ماڻهو لاءِ پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي ويو آھي، جتي اهڙي مهانگائيءَ واري صورتحال سبب وچولي طبقي واري ماڻهو لاءِ پنهنجن ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ به وڏو چئلينج بڻيل هجي اتي اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي ته روز ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت ۽ مزدر جو ڪهڙو حال هوندو؟ مطلب ته اهڙين ڏکين حالتن مٿان وري نٽھڻ اُس ۽ شديد گرمي ۾ مزدور لاءِ سندس ٻچڙن کي ٻه ويلا  ڳڀو کارائڻ به سخت امتحان کان گهٽ ڪونهي. پگهر جي پورهئي سان لاڳاپيل هر پورهيت، مزدور ۽ هاري ان سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس باوجود پنهنجي صحت جي پرواهه نه ڪندي به هر وقت پنهنجي محنت ۽ مزدوري ۾ رڌل نظر ايندو رهي ٿو، پر تنهن هوندي به هو فاقا ڪاٽڻ تي مجبور هجي ٿو. وڏو الميو اهو آھي جو صدين کان پگهر جو پورهيو ڪندڙ پورهيت ڏينهن رات محنت ۽ مزدوري ڪندي به غربت جي لڪير کان مٿي ناهي چڙهي سگهيو. اڄ به پورهيت ۽ مزدور مفلسي ۽ لاچاريءَ واري زندگي بسر ڪري رهيو آھي، حالانڪه نٽھڻ اُس هجي توڙي سخت سردي، پر هن جي محنت ۽ مزدوري گهٽجي ناهي، بلڪه ان ئي تسلسل سان پنهنجي محنت ۽ مزدوري ڪندو پيو اچي، پر ائين لڳي رهيو آھي ڄڻ غربت، ڏک، غم، پريشاني ۽ مفلسي کيس ورثي ۾ ملي هجي جو هو ان جي چڪر مان نڪري ڪو نه سگهيو آھي. ٻيو ته پاڻ وٽ غريب پورهيت ۽ مزدور کي اهميت ۽ عزت ڏيڻ جو فقدان به جام ٿي ويو آھي، اسان جو معاشرو ويچاري مزدور کي شايد اها اهميت ۽ عزت نه ڏئي سگهيو آھي جيڪا کيس حقيقت ۾ ڏيڻ گهرجي. اسلام ۾ پورهيت کي خدا جو دوست سڏيو ويو آھي ۽ اهو به فرمايو ويو آھي ته پورهيت کي سندس اجرت سندس پگهر سڪڻ کان اڳ ڏيڻ گهرجي. ان ڪري اسان کي ان طرف ضرور سوچڻ گهرجي ته اسان خدا جي دوست کي اهميت ڏيون ۽ سندس محنت سان ڪمايل اجورو کيس قوت تي ادا ڪيون ۽ سندس حق تلفي کان هميشه پاسو ڪريون.