آمريڪا جي ايران مٿان حملي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ توانائيءَ جو بحران نظر آيو جنهن سڄي دنيا کي متاثر ڪيو ۽ سڄي دنيا جي منڊين ۾ تيل جي قيمت وڌڻ جي ڪري هر شيءِ جي قيمت ۾ اضافو نظر آيو. جنهن جو اثر پاڪستان جهڙن ملڪن مٿان تمام گهڻو پيو. هن وقت پاڪستان ۾ سراسري طور 20 کان 21 ڏينهن جو تيل ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان جي تيل واري شعبي جي ريگيوليٽري اٿارٽي “اوگرا” جي قانون تحت سڀني آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين لاءِ لازمي آهي ته اهي هر وقت پنهنجي ذخيرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ڏينهن جي تيل جو ذخيرو برقرار رکن، جيڪو ملڪ جي مختلف حصن ۾ رکيل هوندو آهي. جهڙوڪ: رفائنريون، آئل ڊپو جن ۾ پارڪو، بائيڪو، اٽڪ رفائنري، پي ايس او، شيل ۽ ٽوٽل جهڙين ڪمپنين وٽ ذخيرو ٿيندو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي توانائي جي سيڪيورٽي کي بهتر بنائڻ لاءِ هن گنجائش کي وڌائڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي.
جنهن ۾ سعودي عرب ۽ ڪوويت سميت دوست ملڪن جي سهڪار سان پيٽروليم مصنوعات جا اسٽريٽيجڪ ذخيرا ٺاهيا ويندا، جيڪو پاڪستان جي معاشي سڌارن لاءِ هڪ اهم قدم هوندو ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به ڳڻتي جهڙي صورتحال ۾ يا عالمي منڊين ۾ تيل جي پيداوار جي ڪنهن به بحران جي صورت ۾ پاڪستان وٽ ٽن مهينن تائين پيٽروليم مصنوعات جا اسٽريٽيجڪ ذخيرا موجود هوندا. خبرن موجب هن سڄي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ سعودي عرب ۽ ڪوويت هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. جڏهن ته جاپان سميت ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي اهڙا ذخيرا قائم ڪري چڪا آهن. پاڪستان ۾ تيل جا نوان ۽ وڏا اسٽريٽيجڪ ذخيرا تعمير ڪرڻ لاءِ جاگرافيائي سلامتي ۽ پهچ کي نظر ۾ رکندي ڪجهه مخصوص شهرن کي چونڊيو ويو آهي انهن منصوبن جو گهڻو رخ ساحلي علائقن ۽ ملڪ جي وچ واري حصي مرڪزي پنجاب ڏانهن آهي. جنهن ۾ گوادر، جيڪو سڌو سنئون عربي سمنڊ تي واقع آهي وچ اوڀر وارن ملڪن جي ويجهو آهي اتي سعودي عرب (آرامڪو) ۽ چين جي مدد سان هڪ وڏو آئل سٽي قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. ان کان علاوه حب/گڏاڻي ڪراچي ويجهو بلوچستان جي صنعتي شهر ۾ پڻ تيل جي ذخيرن لاءِ منصوبا تيار ٿي رهيا آهن. ڪراچي جيڪو اڳ ۾ ئي تيل جي درآمد جو سڀ کان وڏو گيٽ وي آهي، هاڻي اتي گنجائش کي جديد بڻائي وڌايو پيو وڃي.
ان کان علاوه سمنڊ کان هٽي ڪري ملڪ جي اندروني حصي ۾ محمود ڪوٽ جيڪو مظفر ڳڙهه ۽ ملتان جي ويجهو آهي اتي به تيل ذخيرو ڪرڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي. ان کان علاوه مڇيڪي (شيخوپوره) پنجاب جي ويجهو پڻ تيل جي پائپ لائين جو ذخيرو تعمير ٿي رهيو آهي. هن سڄي نظام جي تعيمر ٿيڻ سان پاڪستان ۾ تيل جي اسٽريٽيجڪ ذخيرن جي تعمير ۽ اسٽوريج سسٽم کي مضبوط ڪرڻ سان ملڪ جي معيشت کي نئين زندگي ملي سگهي ٿي. پيٽروليم مصنوعات ڪنهن به معيشت ۾ رت جي گردش جهڙي اهميت رکن ٿيون. پاڪستان هن وقت تيار ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل انهن ساڳين ملڪن کان مهانگي اگهه تي گهرائي ٿو جنهن تي ملڪ جو اربين رپين جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو. جڏهن اهو ساڳيو تيل ملڪ اندر رفائنريون ذخيرو ڪنديون ته پاڪستان کي اهو تيل ٻاهران گهرائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ۽ پاڪستان جو امپورٽ بل بچي پوندو. پاڪستان جي صنعتن ۽ زراعت لاءِ سستو ۽ مستحڪم تيل فراهم ٿي سگهندو. نه صرف ايترو بلڪه تيل جون قيمتون مستحڪم رهنديون، روزگار جا نوان موقعا نڪرندا، ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ اندر ان انڊسٽري جي کپت لاءِ هينئر کان ئي هاءِ ٽيڪ هيومن ريسورس تيار ڪيو وڃي. انجنيئرنگ ۽ فني ماهرن جي تياري جو عمل گڏوگڏ ٿيڻ گهرجي. هن سڄي انڊسٽري ۾ مختلف جاين تي پيٽروليم ۽ ڪيميڪل انجنيئر، سول ۽ مڪينيڪل انجنيئر، انفرااسٽرڪچر ريسورس، آءِ ٽي ماهر، سپلاءِ چين ۽ لاجسٽڪ مئنيجمينٽ جي ضرورت پوندي. جنهن لاءِ چئني صوبن مان عوام کي نوڪريون ڏيڻ لاڀائتو رهندو. جيڪڏهن پاڪستان جي چئني صوبن جي نوجوانن کي ان ريسورس لاءِ وقت سر تيار ڪيو ويو ته اسان جو نوجوان ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو.