نئون

سعودي عرب پاڪستان کي 12 ارب ڊالرن جو پئڪيج ڏيندو

سعودي عرب پاران پاڪستان جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ 12 ارب ڊالرن جو پئڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 9 ارب ڊالرن جو تيل اڌهار تي ڏنو ويندو جنهن کان علاوه 3 ارب ڊالرن جي رقم به هوندي. خبرن مطابق وزيراعظم عمران خان جي سعودي جي دوري ۾ سعودي جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات بابت پڌر نامون ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب 12 ارب ڊالرن جي امداد ڏيندو جنهن ۾ 9 ارب جو اڌهار تيل هوندو. جيڪو ٽن سالن ۾ هر سال 3 ارب جو تيل ڏيندو، جنهن ۾ ٽن سالن بعد واڌارو ڪيو ويندو. جنهن سان گڏ سعودي عرب هڪ سال لاءِ 3 ارب ڊالر پاڪستان جي بينڪ ۾ ڊپازٽ طور به رکندو. پڌر نامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ولي عهد شاهه محمد بن سلمان پاڪستاني ورڪرن لاءِ ويزا جي في گهٽائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. جنهن کان علاوه هو پاڪستان ۾ آئل رفائنري لڳائڻ لاءِ به تيار ٿي ويو آهي. جنهن متعلق سعودي وفد جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو. ان کان علاوه پڌر نامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت بلوچستان ۾ معدنيات جي کوٽائي ۾ به دلچپسي رکي ٿو جنهن لاءِ پڻ وفاقي ۽ بلوچستان جي حڪومت سان معاملا طئي ڪندو.