نئون

سنڌ کي چور هلائي رهيا آهن: فواد چوڌري

وفاقي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري سنڌ حڪومت مٿان الزام هڻندي چيو آهي ته سنڌ کي چور هلائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به چورن جو نالو کنيو ويندو آهي ته خورشيد شاهه کي پريشاني ٿي پوندي آهي. هن اهو به چيو ته مون کي پارليامينٽيرينز ٻڌايو آهي ته سنڌ اندر انهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي. ان قسم جي رويي جي اميد پيپلز پارٽي مان لڳائي سگهجي ٿي. هن اهو به چيو ته سياستدانن خلاف ڪيس کي ختم نه ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جو اين آر او نه ڏنو ويندو. عوام اسان کي مينڊيٽ ان لاءِ ڏنو آهي جو اسان عوام سان واعدا ڪيا آهن ته ملڪ ۾ احتساب ڪيو ويندو. هاڻ اسان پنهنجن واعدن کان نٿا ڦري سگهون. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڏهن سالن دوران 750 ارب رپيا ڏنا آهن. هن جي جواب ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جڏهن فواد چوڌري پيپپلز پارٽي ۾ هيو ته هن لاءِ  هر شيءِ سٺي هئي. هو وساري چڪو آهي ته هن کي پ پ ئي ٺاهيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان کي ڏنل پئسن جي آڊٽ ڪرائي سگهجي ٿي. وفاقي حڪومت اسان کي اڃان پئسو ڏيڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام جي مينڊيٽ کي نه مڃڻ هڪ غلط ڳالهه آهي جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪار جي نظر ۾ ملڪ جي اميج خراب ٿيندي.