خاصنئون

سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري تي سڀاڻي ايندو

سعودي عرب جو ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهي. پاڪستان پاران شهزادي جي دوري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهزادي جو شاهاڻو استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان شهزادي جي آمد تي ايئرپورٽ بيس کان وزيراعظم هائوس تائين پاڻ وٺي ايندو، جتي هن جي مان ۾ عشائيو ڏنو ويندو. هن دوري دوران سعودي ولي عهد کي پاڪستان جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان به ڏنو ويندو. ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿيندي. ايوان صدر ۾ سعودي ولي عهد ۽ پاڪستاني صدر جي ون آن ون ملاقات ٿيندي. هن دوري جي تفصيل ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته دوري دوران سعودي ولي عهد پاڪستان جي صدر، وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو. جنهن کان علاوه هو سينيٽ جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪندو. چيو پيو وڃي ته هن دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بنائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.