خاص

وڃايل ياداشت کي واپس آڻڻ ۾ اهم ڪاميابي

ڪئناڊا جي سائنسدانن هڪ اهڙو ماليڪيول ايجاد ڪري ورتو آهي. جيڪو ڊپريشن ۽ وڏي عمر سبب ياداشت وڃائيندڙ مريضن جي ياداشت کي واپس آڻي سگهي ٿو. اهو ماليڪيول نه صرف مرض جي علامتن کي ختم ڪندو آهي پر اهو دماغ جي اندرين تهه ۾ ٿيڻ واري ڀڃ ڊاهه جي مرمت ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن يا عمر جي وڌڻ سبب ياداشت جي وڃائجڻ جي علاج لاءِ ڪابه دوا موجود نه آهي. جڏهن ته موجوده ريسرچ ان معاملي ۾ وڏي اميد ڏياري آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دوا کي مارڪيٽ ۾ اچڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت لڳي ويندو. جيڪا 2022 يا 2023 تائين مارڪيٽ ۾ اچي سگهي ٿي.