حڪومت جو ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو
وفاقي حڪومت، ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو آهي ته ملڪ اندر ڊالر کي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن سبب ملڪ ۾ هر روز ڊالر جي قيمت وڌي رهي آهي ۽ مارڪيٽ مان وڏي پئماني تي ڊالر جي گم ٿيڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي. ٽوئيٽر تي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته حڪومت ايف آءِ اي کي ڊالر جي ذخيرا اندوزي ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

