خاصنئون

ڪراچي ۾ داعش جا ٽي دهشتگرد پوليس مقابلي ۾ قتل

ڪراچي پوليس چيو آهي ته داعش سان تعلق رکندڙ ٽي دهشتگرد حملي ۾ قتل ٿي ويا آهن. پوليس مطابق ٽيئي ڄڻا سنڌ ۽ بلوچستان لڳ 35 سيڪورٽي جي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن. ملير جي ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته پوليس ۽ انٽيليجنس جي ادارن گڏجي آپريشن ڪيو جنهن ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته ٻه ڄڻا ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان ٻه مشين گنون، هڪ پستول، چار گرنيڊ ۽ هڪ خودڪش جيڪٽ هٿ ڪيو ويو آهي. لاشن کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو جتي ايس ايس پي انهن جي شناخت شاهد، عثمان ۽ طلعت جي نالن سان ڪئي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته هي دهشتگرد 2015 ۾ صفوران ڳوٺ ۾ اسماعيلي شيعن کي قتل ۾ به ملوث هئا، جنهن کان علاوه هنن آرمي، رينجرس، پوليس جي 35 اهلڪارن کي به قتل ڪيو هو. جڏهن ته شاهد 2002 ۾ ڊينيئل پرل جي قتل ۾ به ملوث رهيو هو.