خاصنئون

سنڌ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت

سنڌ اندر رنگ اين 3 (Ring N 3) وٽ ڊرلنگ دوران گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خبرن موجب ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ ڪريمداد خاصخيلي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خاوند بخش جهيجو، جي زرعي زمين تي او جي ڊي سي ايل رنگ اين 3 تي ڪم ڪندي گئس جو وڏو ذخيرو دريافت ڪري ورتو آهي. ڊرلنگ ڪرڻ وارن مزدورن مطابق هن وقت گئس جو پريشر 2700 آهي جيڪو وڌي 1200 ملين تائين پهچي ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته هتي گئس جي وڏي مقدار موجود آهي، جنهن سان گڏ ڪجهه مقدار ۾ تيل به مليو آهي. واضح رهي ته او جي ڊي سي ايل حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڊرلنگ ڪري رهي آهي.