ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قرارداد مطابق ٿيڻ گهرجي: گڏيل قومون
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير جي صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قرار داد تحت حل ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 1965 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير واري معاملي تي سڌي ريت غور ڪيو ويو آهي. بيان ۾ 8 آگسٽ تي گڏيل قومن جي اداري جي اڳواڻ انتونيو گورتريس ڏنل بيان جو حوالو به ڏنو ويو آهي. بيان ۾ چين جي نمائندي جو به حوالو ڏنو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪشيدگيءَ کي وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه مليحا لوڌي جي بيان جو به حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن چيو آهي ته اجلاس ۾ ڀارتي موقف جي به نفي ٿي آهي جنهن چيو ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي.

