مختلف وزارتن ۾ 15 کرب رپين جون بي ضابطگيون مليون آهن: اي جي پي
آڊيٽر جنرل آف پاڪستان چيو آهي ته سال 19-2018 دوران حڪومت جي مختلف وزارتن پاران 15 کرب رپين جون مالي بي ضابطگيون مليون آهن. آئين جي آرٽيڪل 171 تحت آڊيٽر جنرل پاران پنهنجي رپورٽ پارليامينٽ آڏو پيش ڪئي وئي آهي. پنهنجي رپورٽ ۾ آڊيٽر جنرل ٻڌايو آهي ته هن سال مليل بي ضابطگيون گذريل سال جي بي ضابطگين کان 87 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل سال جي بي ضابطگين جو ڪاٿو 5.8 کرب رپيا هو. آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته حڪومت 2 ارب ڊالر جي عالمي بانڊن تي 8.25 سيڪڙو وياج وفاقي ڪابينا جي منظوريءَ کانسواءِ وزيراعظم جي منظوريءَ سان وڌايو آهي. جڏهن ته ان جي منظوري ڪابينا ڏيندي آهي. اضافي وياج جي سبب ڪرايل آڊٽ ۾ 280 ارب رپين جي رقم کي بغير سوالن جي ضابطي جي خلاف ۽ ناجائز قرار ڏنو ويو آهي، ان طرح جي وڏي رقم کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کان ريگيولرائيز ڪيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ اڪثر گهوٻيون ۽ ڪرپشن شامل هوندي آهي.

