خاصنئون

 لياقت قائمخاني جي گهر مان 10 ارب رپين جا اثاثا مليا آهن

اڳوڻي ڊي جي پارڪس ۽ ڪراچي جي ميئر جي صلاحڪار لياقت قائمخاني جي گهر مان ڪل 10 ارب رپين جا اثاثا مليا آهن. نيب پاران لياقت قائمخاني مٿان ٽي ريفرنس به لڳايا ويا آهن. لياقت قائمخاني جي گهر مان مليل اثاثن ۾ سونا زيور، سيونگ سرٽيفڪيٽ، پرائز بانڊن کان علاوه گاڏيون ۽ ڪي ايم سي جا اهم دستاويز به مليا آهن. نيب پاران چيو ويو آهي ته لياقت قائمخاني ويهن سالن ۾ ڪراچي جي 71 پارڪن کي صرف ڪاغذن ۾ ٺاهيو هو لياقت قائمخاني پاران ڪرپشن ذريعي هٿ ڪيل پئسن مان ڪجهه اڳوڻن ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن ۽ اڳوڻن وزيرن کي به حصو ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.