ڪراچي ۾ گرمي جي نئين لهر ٽي ڏينهن جاري رهندي
موسميات کاتي پاران چيو ويو آهي ته عربي سمنڊ ۾ هوا جي گهٽ دٻاءُ ڪري سمنڊ مان ايندڙ هوائون بند ٿي ويون آهن جنهن سبب ايندڙ ٽن ڏينهن تائين ڪراچي ۾ گرمي جي لهر جاري رهندي جنهن سبب 24 سيپٽمبر تائين ڪراچي جو گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو. موسميات کاتي پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته 24 سيپٽمبر تائين صبح جي روشني سڌي ريت پوڻ سبب گرمي ۾ تيزي رهندي ان ڪري شهري صبح 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن. پاڻي ۽ ٿڌا شربت وڌيڪ پيئن ۽ گهران ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي کي ڍڪي نڪرن.

