خاصنئون

حوثي باغين پاران سعودي مٿان حملو بند ڪرڻ جو اعلان

يمن جي حوثي باغين پاران سعودي عرب تي ميزائل حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان حوثي باغين جي اڳواڻ مهدي المشاط پاران ڪيو ويو آهي. هن چيو آهي ته هاڻي هو سعودي مٿان ڊرون، بيليسٽڪ ميزائلن ۽ ٻين هٿيارن سان حملو نه ڪندا. حوثي اڳواڻ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سعودي عرب انهن جي خير سگالي جو مثبت جواب ڏيندو. ٻي صورت ۾ اسان جواب ڏيڻ جو حق رکون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن جنگ سان ڪنهن به ڌر کي فائدو حاصل نه ٿيندو جڏهن ته جنگ جو تسلسل خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. جنگ بنديءَ جو مقصد جانين جو تحفظ ۽ عام معافي حاصل ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي سعودي عرب پاران حوثي باغين جي اعلان جو جواب ڏيڻ بجاءِ يمن ۾ خانا جنگي سان هزارين انساني جانين جو نقصان ۽ لکين ماڻهو قيد جو شڪار ٿيا آهن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.