ٿر جي اين اي ڊي ڪئمپس پاران ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان
ٿر اندر جوڙيل اين اي ڊي جي ڪئمپس جا ڪلاس هلندڙ مهيني ٻئي هفتي کان شروع ٿيندا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سريندر والاسائي چيو ته هن انسٽيٽيوٽ کي ٿر انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هن انسٽيٽيوٽ کي چئن سالن کانپوءِ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪئمپس هن وقت ڪلاس هلائڻ لاءِ تيار آهي ۽ فيڪلٽي ۽ ٻيو اسٽاف به ڪلاس وٺڻ لاءِ تيار آهي.

