سنڌو درياءَ ٻئين نمبر تي پلاسٽڪ جي آلودگي جو شڪار ندي قرار
ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي ماهرن پاران چيو ويو آهي ته سنڌو نديءَ ۾ هر سال 164,332 ٽن جي پلاسٽڪ اڇلائي وڃي ٿي، ان سبب سنڌو ندي دنيا ۾ پلاسٽڪ جي گندگيءَ سبب متاثر ٿيندڙ دريائن ۾ ٻئين نمبر تي آهي. سيمينار ۾ ڳالهائيندڙن پاران چيو ويو ته پاڪستان ۾ هر سال 624200 ٽن پلاسٽڪ تيار ٿيندي آهي ۽ ملڪ اندر پلاسٽڪ تيار ڪرڻ لاءِ 6000 يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن. ماهرن وڌيڪ چيو ته پلاسٽڪ جي تياري ۾ زهريلا مادا استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي سوين سالن تائين ختم نه ٿيندا آهن جنهن سبب اها سڀني جاندارن لاءِ خطرناڪ آهي. سيمينار ۾ ڳالهائيندي ماهرن وڌيڪ چيو ته پلاسٽڪ جي گندگي انسانن ۾ نيورو لاجيڪل مسئلا ڪينسر، پيدائشي نقص، هارمونل تبديليون، گيسٽرڪ السر، ٿائيرائيڊ جا مسئلا ۽ دل جي بيمارين جو سبب بڻجن ٿا.

