خاصنئون

 سپر سائيڪلون ڪيار ڪراچي جي سمنڊ کان ڪجهه ڪلو ميٽر پري ڪناري تي اثر شروع

عربي سمنڊ ۾ شروع ٿيندڙ طوفان سپر سائيڪلون جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. طوفان پنجين ڪيٽيگري ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن سبب 30 ۽ 31 آڪٽوبر تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. طوفان جو اثر ڪراچي جي سامونڊي علائقي ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. ابراهيم حيدري واري علائقي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. موسميات کاتي پاران چيو ويو آهي ته هن طوفان سبب سمنڊ ۾ 3  کان 5 ميٽرن جون لهرون اٿنديون. ٻئي طرف فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ايمرجنسي نافذ ڪندي مهاڻن تي ٽن ڏينهن تائين سمنڊ ۾ وڃڻ جي پابندي مڙهي وئي آهي.