صحت خراب هجڻ سبب نواز شريف کي ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل نٿو ڪري سگهجي
طبي ماهرن جي ٽيم اڃان تائين اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته نواز شريف جا پليٽليٽس ڇو گهٽ ٿيا. ن ليگ جو اڳواڻ نواز شريف هڪ هفتي کان سروسز اسپتال ۾ موجود آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هن کي علاج لاءِ ملڪ جي ڪنهن ٻي اسپتال يا ملڪ کان ٻاهر موڪلي سگهجي ٿو جتي هن جو بهتر علاج ٿيندو. جڏهن ته هن جي پارٽي جي اڳواڻن ان امڪان کي مسترد ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جي صحت جي خراب صورتحال سبب هن کي هن وقت سروسز اسپتال مان ڪٿي به منتقل نه ٿو ڪري سگهجي. ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته ڊاڪٽرن جي ٽيم کي نواز شريف جي علاج جي حوالي سان مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ هفتي اندر نواز شريف جو ست ڪلو گرام وزن گھٽجي ويو آهي، جنهن کي پڻ ڊاڪٽرن جي ٽيم جاچي رهي آهي. جيئن ته پليٽليٽس کي وڌائڻ وارين دوائن ۽ دل جي بيماريءَ وارين دوائن ۾ توازن رکڻ ضروري آهي. ميڊيڪل بورڊ جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمود اياز چيو آهي ته اڃان مرض جي تشخيص ٿيڻ باقي آهي. جنهن بعد ڪو وڏو فيصلو ڪيو ويندو.

