خاصنئون

هلندڙ سال ۾ چار سيڪڙو معاشي واڌ جو حصول مشڪل آهي: اسٽيٽ بينڪ

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ چار سيڪڙو معاشي واڌ جو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. ڇو ته ٻن اهم شعبن زراعت ۽ صنعت جي ڪارڪردگي هلندڙ مالي سال ۾ بهتر نه رهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن واري رپورٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي پروگرام سان معاشي استحڪام جي رفتار ۾ واڌارو ٿيو آهي، مارڪيٽ تي ٻڌل ناڻي جي اگهن جي تبديلي جو نظام نافذ ڪيو ويو آهي، انٽر بينڪ فارين ايڪسچينج مارڪيٽ پاڻ کي هن نظام سان هم آهنگ ڪيو آهي ۽ حڪومت مرڪزي بينڪ جي قرضن کي رول اوور ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. حڪومت دستاويزي ڪوششن کي وڌيڪ فعال انداز ۾ اڳيان وڌايو آهي.