خاصنئون

ڪراچي يونيورسٽي وي سي جي اميدوارن کي انٽرويو جي ڇاڻي مان ڇاڻيو ويو

سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي سربراهن جي چونڊ لاءِ قائم تلاش ڪاميٽي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاءِ اميدوارن جا انٽرويو مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ شارٽ لسٽ ڪيل 7 مان 6 اميدوارن جي انٽرويوئن کان پوءِ ٻن نالن تي تفصيلي غور کانپوءِ انهن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اميدوارن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده قائم مقام وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت شامل آهن. جڏهن ته هڪ اميدوار شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ انٽرويو ۾ شريڪ ئي نه ٿيو. تلاش ڪاميٽي پاران ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ ڄاڻايل نالن جي سمري يونيورسٽين ۽ بورڊ کاتي پاران هاڻي ڪنٽرولنگ اٿارٽي وزير اعليٰ سنڌ کي موڪلي ويندي.