خاصنئون

بينظير انڪم سپورٽ “غريب آفيسر” ايف آءِ اي جي ريڊار تي اچي ويا

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امداد تي پلجڻ وارا گريڊ 17 کان 22 گريڊ جا غريب آفيسر ايف آءِ اي جي ريڊار تي اچي ويا. ايف آءِ اي ڪارروائي جي لاءِ نادرا کان سڀني آفيسرن جي ڊيٽا تائين رسائي گهري ورتي. مجموعي طور تي گريڊ 17 کان 22 تائين جي ٻه هزار ستٽيهه آفيسرن پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارين جي نالي تي بي آءِ ايس پي کان پئسا وصول ڪيا. بالا آفيسرن ماهوار 1600 کان 5000 رپيا امداد وٺندا رهيا. دستاويزن مطابق سنڌ جي گريڊ 17 کان 22 تائين جي 938 آفيسرن بي آءِ ايس پي کان غريبن کي ملڻ واري امداد تي هٿ صاف ڪيا. 50 آفيسرن براهه راست پاڻ جڏهن ته 888 آفيسرن گهر وارين ذريعي پئسا ورتا. سنڌ مان گريڊ 20، جڏهن ته گريڊ 17 کان 19 جا آفيسر به بي آءِ ايس پي جي امداد تي پلجندا رهيا. پنجاب جي گريڊ 17 کان 22 تائين جي 101 آفيسرن به بي آءِ ايس پي کان غريبن کي ملندڙ فنڊز تي هٿ صاف ڪيا.