جيڪو رستي ۾ اچي ٿو سڀ ٽوڙي ڇڏيو، ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي کپي: چيف جسٽس

چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي سميت مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ، ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. جڏهن ته قبضا هٽائڻ متعلق بيان ڏيڻ تي اڳوڻو وزير بلديات سعيد غني توهين عدالت نوٽيس ڪيس ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران سنڌ گورنمينٽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي الاٽيز ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس مظاهرن جو نوٽيس وٺندي مظاهرو ڪندڙن کان درخواستون طلب ڪيون جيڪي سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري سيل ۾ موڪليون وينديون. ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي جي معاملي جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس چيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي لاءِ ڪهڙو عمل ڪيو ويو آهي ۽ ڇا پيش رفت ٿي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته ماضي جو سرڪيولر ريلوي بحال ڪرڻ ممڪن نه آهي، 24 گيٽ هئا جن مان ڪيترن تي قبضا ٿي چڪا، زمين وزارت ريلوي کي ڏيڻي هئي، هيستائين اسان جي ذميداري نه آهي. چيف جسٽس ڪمشنر کي چيو ته توهان وڃو، اڄ ئي سڀ عمارتون ڊهرايو، حسن اسڪوائر تي وڃو، پوري علائقي تي قبضو آهي. ريلوي زمين تان سمورا قبضا خالي ڪرايو، اسان کي ڪجهه ناهي ٻڌڻو.
