حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول شروع، سماج ۾ تحرڪ هجڻ کپي: سردار شاهه

حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ “پنجون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول” شروع ٿي ويو، ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ڪيو. تقريب جي شروعات گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڀٽ شاهه جي شاگردياڻي شاهه ڀٽائي جي راڳ سان ڪئي. ان موقعي تي سردار شاهه خطاب ڪندي چيو ته مستقل مزاجي سان ميلا سجائڻ ڏکيو عمل آهي. حيدرآباد ادبي ميلو مسلسل لڳي رهيو آهي. هن چيو ته سماج ۾ تحرڪ هجڻ کپي، سنڌ. ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ چيو ته سنڌي نوجوان ميلي ۾ توانائي سان ڀرپور آهن
