روهڙي ويجهو ٽرين جو مسافر ڪوچ کي ٽڪر، 30 ڄڻا فوت

ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ روهڙي ويجهو ڪنڌرا ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهي هئي ته پاڪستان ايڪسپريس جي ور چڙهي وئي، ٽرين جي زوردار ٽڪر سبب مسافر ڪوچ پري وڃي ڪري ۽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي. جنهن کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش ٻاهر ڪڍيا. فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڪمشنر سکر شفيق مهيسر جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون حادثي ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 11 زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. واقعي جي جاچ کانپوءِ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڦاٽڪ جو دروازو کليل هجڻ ڪري حادثو پيش آيو آهي
