عمارت ڪرڻ سبب ماڻهو مري ويا پر سڀ سڪون جي ننڊ ستل آهن: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن، غير قانوني قبضن، حد دخلين، ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) سميت مختلف معاملن بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران صوبائي وزير سعيد غني، ڪراچي ميئر وسيم اختر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فردوس شميم نقوي پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ريلوي ۽ ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي جي شروع ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ گذريل ٻڌڻي جو حڪم پڙهي ٻڌايو. جڏهن ته گڏوگڏ ئي هن ڪراچي ماس ٽرانسپورٽ پلان جي ڪاپي به عدالت ۾ پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته گرين لائين ۽ اورنج لائين منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻين تي ڪم ٿي رهيو آهي. ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ رقم فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان خرچ ڪرڻ ۽ پئسا ورهائڻ چاهيو پيا ۽ گڏوگڏ ئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن طرح نقشا ڏيندا آهيو ايئن ڪم به ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ماڻهو مرن پيا ۽ توهان سک جي بانسري وڄائي رهيا آهيو. چيف جسٽس اي جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ايماندار آهيو، پر ڏينهون ڏينهن حالتون بدتر ٿي رهيون آهن، شهر ۾ 1955ع واريون بسون پيون هلن، توهان عوام جي زندگي خراب ڪري ڇڏي آهي. عمارت ڪرڻ متعلق چيف جسٽس اي جي کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪنهن جي ڪن تي جونءِ نه سُري آهي. ڪالهه 14 ماڻهو مري ويا، پر انتظاميه جا سڀ ماڻهو آرام جي ننڊ ستل آهن. اي جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 20 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي
