عورتن جي محفوظ ۽ خوشحال زندگيءَ لاءِ هر قدم کڻنداسين: وزيراعظم

عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عورتن کي برابري جا حق ۽ موقعا ڏيڻ آهي. ان ڪوشش ۾ مذهب اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اسان جون عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، قومي ۽ عالمي سطح تي سٺي موٽ حاصل ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي جو عمل عورتن کي برابري جا موقعا ڏئي سگهي ٿو
