فيڪٽريون بند رهيون ته ايندڙ پگهارون نه ڏيئي سگهنداسين: صنعتڪار

صنعتڪارن فيڪٽريون بند رهڻ جي صورت ۾ مزدورن کي ايندڙ مهيني پگهارون نه ٿيڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. سنڌ حڪومت فيڪٽريون کولڻ جو رستو ڪڍي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وڏي وزير چيو ته صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي جنهنڪري سخت فيصلا ڪيا آهن. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي وڏن صنعتڪارن سراج قاسم تيلي، امان قاسم، خرم اعجاز، جاويد بلواني، زبير ڇايا، فواد انور، بشير رشيد ۽ ٻين سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا، صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش چاولا، امتياز شيخ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا موجود هئا. وڏي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سڀني کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا آهن. اسان جي پهرين ترجيح آهي ته ماڻهو گهٽ کان گهٽ متاثر ٿين. ان پاليسي تحت اسان سخت قدم کنيا آهن. هن چيو ته اسان جي معيشيت سخت متاثر ٿي آهي، اڃان وڌيڪ به ٿيندي. 26 فيبروري تي پهريون ڪيس آيو ته اسان اسڪول بند ڪيا، پوءِ شاپنگ سينٽر، هوٽلون، سرڪاري آفيسون ۽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، هڪ هزار ماڻهو ٻاهران آيا جن مان وائرس پکڙيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا 45 ارب پگهارن ۾ وڃن ٿا، هلندڙ سال جي آخري مهينن ۾ وفاق کان 60 کان 70 ارب اچڻ گهرجن، هلندڙ مهيني ۾ فقط 33 ارب آيا آهن. صنعتڪارن مطالبو ڪيو ته ڪو نئون ايس او پي ٺاهيو وڃي جنهن سان صنعت جو ڪجهه نه ڪجهه ڦيٿو هلي سگهي ۽ خطرو گهٽ هجي. وڏي وزير چيو ته ننڍا واپاري تمام اهم آهن فيڪٽري ڪجهه ٺاهي ٿي ته ننڍا واپاري ان کي وڪرو ڪن ٿا، پر صورتحال مشڪل ٿيندي پئي وڃي، لاڪ ڊائون ڪجهه ڏينهن جاري رکڻو پوندو. وڏا ماڻهو متاثر ٿيڻ کانپوءِ گهرن جي وڏن ڪمرن ۾ اڪيلا ٿي وڃن ٿا، ٻن ڪمرن جي گهر ۾ رهندڙ 7 کان 8 ماڻهن مان ڪو متاثر ٿئي ته اهو ڪيئن ٻين کي بچائيندو
