گوگل جو پاڪستان کي مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان

دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب ڪورونا سبب پيدا ٿيل بحران تي ضابطي لاءِ لڳاتار جدوجهد جي ضرورت هوندي ۽ اسان مدد طور هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو ڪري سگهون ٿا. ڪمپني طرفان وائرس خلاف پاڪستان سان مڪمل سهڪار جاري رکيو ويندو. ڪمپني موجب اها ڳالهه وڌيڪ اهم آهي ته ماڻهن وٽ صحت جي حوالي سان اهڙي آن لائين ڄاڻ موجود هجي جنهن تي هو ڀروسو ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ موجود ٻين ماڻهن لاءِ درست فيصلو ڪري سگهن. اهڙي طرح دماغي صحت بابت آگاهي مهم هلائڻ ۾ به مدد ڪري رهيا آهيون. سفر بابت مشورا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ گوگل، يو ٽيوب يا گوگل پلي اسٽور تي موجود ايپس ذريعي پکڙجندڙ ڄاڻ جي روڪٿام لاءِ به پنهنجون ڪوششون تيز ڪيون آهن. ان مقصد لاءِ ڪمپني ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ پاڪستان ۾ ڪووڊ-19 جي حوالي سان خاص مقامي ويب سائيٽ متعارف ڪرائيندي جنهن ۾ ان بيماري جي حوالي سان تعليم، روڪٿام ۽ وسيلن کان آگاهه ڪيو ويندو
