خاص

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم نه پر وڌيڪ سخت ٿيندو: وڏو وزير

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم نه پر وڌيڪ سخت ٿيندو. اليڪٽريشن، درزي، حجام ۽ پلمبر جا دڪان نه کلندا، جن کي سنڌ ۾ نيو يارڪ کان سخت لاڪ ڊائون لڳي ٿو اهي ڀلي نيو يارڪ هليا وڃن، سڀني کي هٿ ٻڌي چوان ٿو ته فقط ماڻهن جي زندگين جو سوچيو. سنڌ حڪومت ۾ جيتري طاقت آهي ايس او پيز تي عمل ڪرائينداسين، جيڪو ايس او پيز تي عمل نه ڪندو، ان خلاف ايڪشن ٿيندو عوام گهرن ۾ رهي. اسان وٽ 10 سيڪڙو ڪيس مثبت اچن پيا، جيڪڏهن اسان لاڪ ڊائون سخت ڪيو ته ان جو سڀني کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم ڪراچي اچي ته ايس او پي تي عمل ڪري. هن چيو ته هر اداري لاءِ جدا ايس او پي آهي، صنعتن ۾ ملازمن جي ڊيٽا ڏيڻي پوندي، انهن جي ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. 55 سالن کان وڌيڪ عمر وارا مزدور نه اچي سگهندا، جيڪڏهن ڪو ماڻهو متاثر ٿيو ۽ ان جي ٽيسٽ ڪرڻي پئي ته خرچ مل مالڪ ادا ڪندا. هن چيو ته ايس او پيز کانسواءِ تعميراتي ڪم به نه هلي سگهندو. پهرين انتظاميه کان اجازت وٺڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو