خاص

ملڪ ۾ ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن اندر580 نوان ڪيس ظاھر، 10 ڄڻا فوت.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 580 ڪيس سامھون آيا ۽ 10 ماڻھو حياتيون وڃائي ويٺا، جنھن کان پوءِ فوتين جو مجموعي انگ 128 ٿي ويو آھي، جڏھن ته نوان ڪيس سامھون اچڻ کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 6879 تائين پھچي ويو آھي. 45 فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آھن، جڏھن ته خيبرپختونخوا ۾ 42، پنجاب ۾ 34، بلوچستان ۾ 3، گلگت 3 ۽ اسلام آباد ۾ ھڪ فوتگي ٿي چڪي آھي. گذريل ڏينھن سنڌ ۾ 340 ڪيس ۽ 4 فوتگيون، پنجاب 216 ڪيس ۽ 6 فوتگيون، بلوچستان 11 ۽ اسلام آباد مان 5 ڪيس رپورٽ ٿيا. سنڌ جي صوبائي ترجمان مرتضيٰ وھاب موجب صوبي ۾ نوان ڪيس سامھون اچڻ کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2008 ٿي ويو آھي ۽ فوتين جو انگ 45 ٿي ويو آھي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ 16 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جنھن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 576 ٿي ويو آھي