آمريڪي ڪچي تيل جي مارڪيٽ ڪريش، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قيمت منفي 37 ڊالر في بيرل

آمريڪا ۾ ڪچي تيل جي مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي ۽ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪچي تيل جي في بيرل (158 ليٽر) قيمت ٻڙي کان به گهٽ ٿي منفي 37.6 ڊالر في بيرل تي هلي وئي. ڪورونا وائرس جي ڪري جتي دنيا ۾ معيشتون بدحالي جو شڪار ٿي ويون آهن اتي عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي شديد لوڏو آيو آهي جنهن جي ڪري آمريڪي ڪچي تيل جي مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي. آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ڪجهه ڪلاڪن ۾ لڳاتار گهٽ ٿيندي ٿيندي منفي ٿي وئي ۽ WTI کان تيل جي قيمت منفي 37.6 ڊالر تي بند ٿي. ان کان علاوه هڪ بيرل وٺڻ تي ڪمپنين کي 37 ڊالر به ڏنا پيا وڃن. تيل جي قيمتن ۾ بدترين لاٿ کانپوءِ آمريڪا ۾ تيل جي خريداري جا مئي ۾ ٿيڻ وارا معاهدا بند ٿي ويا ۽ آمريڪي تيل جون ڪمپنيون بند ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويون
