لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ سبب وڌيڪ 4 پاڙا سيل

لاڙڪاڻي شهر اندر ڪورونا وائرس جا 10 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميه سميت لاڙڪاڻو پوليس شهر جي وڌيڪ چئن پاڙن کي سيل ڪري ڇڏيو. دڙي پاڙو ۽ نوان تڪ پاڙو اڳ ئي سيل ٿيل هئا. سيل ٿيل علائقن جو تعداد 6 ٿي ويو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر اندر مقامي منتقلي جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ شهر جي وڌيڪ چئن پاڙن سميع آباد، علي گوهر آباد، سامٽيه روڊ، قافلا سراءِ روڊ جي گهٽين کي قناطون ڏئي مڪمل طور بند ڪيو ويو. جڏهن ته شهر جي اڪثر روڊن تي پوليس، رينجرز توڙي پاڪ فوج جي جوانن جو گشت پڻ جاري رهيو. نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪيسن جو تعداد وڌي 73 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته شهر اندر ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي
