خاصنئون

(سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائلز) جي ھيش ٽيگ سان 10 لک کان وڌيڪ ٽوئيٽ، نئين تاريخ رقم.

سنڌ جي باشعور عوام ۽ سياسي سماجي ڌرين ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاھي ڏيڻ خلاف ٽوئيٽر تي (سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائلز) جي ھيش ٽيگ سان 10 لک کان وڌيڪ ڀيرا ٽوئيٽ ڪري ٽاپ ٽرينڊ جي اعزاز سان نئين تاريخ لکي ڇڏي. (جعلي ڊوميسائل نامنظور) قومي نعرو بڻجي ويو. تفصيل موجب سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺاھي ڌارين کي نوازڻ ۽ مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل تحريڪ ڦڙي ڦڙي مان وڌي مزاحمت جو سمنڊ بڻجي وئي. سنڌ جي عوام 10 لک کان وڌيڪ ٽوئيٽ ڪري سڄي ملڪ تائين اھو پيغام پھچائي ڇڏيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي ٺھي مليل جعلي ڊوميسائل رد ٿيڻ گھرجن. ان حوالي سان ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنھنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته (ڪوڙا ڊوميسائل رد ڪريو) ھاڻ قومي نعرو ٿي ويو، ھي ڪنھن پارٽي يا واحد فرد جو نعرو نه آھي ۽ نه ئي ان کي ورھائجڻ ڏبو. ھن نعري ھيٺ جدوجھد سان نه فقط ڌاري يلغار روڪبي پر سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين کي ٻين حقن سان گڏوگڏ حاڪميت جو حق حاصل ٿيندو.