خاص

ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سول انتظاميا جي هرممڪن مدد ڪئي ويندي: آرمي چيف

All help from civilian administration will be assisted to eliminate grasshopper: Army Chief

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سول انتظاميا جي هرممڪن مدد ڪندي، ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر آپريشن ضروري آهي، جيئن معيشت تي منفي اثر نه پون. آرمي چيف چيو آهي ته حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري چڪي آهي، پاڪ فوج سول انتظاميا جي مدد لاءِ هر وسيلو فراهم ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اها ڳالهه ماڪڙ جي خاتمي واري سينٽر جي دوري دوران ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف کي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز صورتحال تي بريفنگ ڏني. آرمي چيف اين ايل سي سي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي روشني ۾ ڪيل قومي ڪوششون فخر جوڳيون آهن. ماڪڙ جي خاتمي لاءِ سول ادارن سان گڏجي مڪمل تعاون ڪيو ويندو.