سنڌ جي عوامي، قومي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم “گدائي” جو نالو مون لاءِ نئون نه آهي، هن جو تذڪرو مون ننڍي هوندي کان پنهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگي جي واتان ٻڌو هو. مون کي ياد آهي پاڻ ٻڌائيندا هئا ته: “گدائي صاحب کي مون جيڪب آباد ۾ مشاعرن ۾ ٻڌو ۽ ان سان رهاڻيون ڪيم، گدائي صاحب کي پڇاڙي ۾ به جوان محسوس ڪيم، هن جي آواز ۾ گجگوڙ ۽ خيالن ۾ ڪمال جي بلندي هئي، گدائي جي محفل به روح پرور هوندي هئي، هو مون کي پنهنجي دور جي نامور شاعرن کان تمام گهڻو مٿانهون نظر آيو”. اهڙي ريت جڏهن شعور آيو ته پنهنجي گهر واري ناياب لائبريري ۾ “گدائي” صاحب جا اُهي خط پڙهيا، جيڪي هن منهنجي والد ڏانهن تڏهن لکيا هئا، جڏهن منهنجو والد اڃان شاعري جي ميدان ۾ قدم رکي رهيو هو. هڪ وڏو شاعر جنهن فياضيءَ سان نئين اڀرندڙ شاعر کي مان ڏئي ٿو ۽ پنهنجي لڏندڙ هٿ سان پني تي عبارت تحرير ڪري ٿو، سو ثابت ڪري ٿو ته، “گدائي” مرحوم بنا ڪنهن فرق جي هر ننڍي ۽ وڏي شاعر کي مان ڏيڻ وارو هو.
پنهنجي مطالعي جي آڌار تي اها خبر اٿم ته عبدالڪريم “گدائي” جا وڏا اصل شورڻ ڪڇي بلوچستان جا رهاڪو هئا. سندس خاندان جو وڏو نهال خان پنجاب جي شهر ليه ۽ اتان ٺل جي هڪ ڳوٺ ڪريم آباد کوسي ۾ اچي رهيو هو، جتي ئي کيس “گدائي” صاحب جو ڏاڏو محمود ڄائو هو ۽ جنهن کي وري “گدائي” صاحب جو والد بجار خان توڙي “گدائي” صاحب ۽ ان جو وڏو ڀا جندو پيدا ٿيا هئا.
عبدالڪريم “گدائي” جي ڇٺيءَ جو نالو بگن هو، پاڻ بجار خان لاشاري جو پٽ هو، جيڪب آباد جي تعلقي ٺل واري ڳوٺ ڪريم آباد ۾ سندس جنم پهرين جنوري 1901ع تي ٿيو هو.
عبدالڪريم “گدائي” جو والد بجار خان لاشاري، تر جي چڱي مڙس مير حسن خان کوسو وٽ ڪمدار به هو ته سندس ڪاروبار پڻ سنڀاليندو هو. تنهن پٽ جي ڄمڻ کان بعد ڳوٺ ڇڏي ٺل ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي کيس مختيارڪار آفيس ۾ ملازمت ملي. پاڻ پٽيوالو ٿي نوڪري ڪندو هو ۽ سکيو وقت گذاريندو هو.
بجار خان علم کي اهم ڄاڻيندي پنهنجي پٽ کي 1906ع ڌاري ٺل جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اتان ئي هن پنج درجا پڙهي پاس ڪيا. 1911ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو. والده کي ننڍڙو عبدالڪريم تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ اها وري پٽ کي پاڻ کان پري نه ڪرڻ چاهيندي هئي، مگر مسٽر وستيرام حيدرآبادي، جيڪو ان وقت ٺل ۾ مختيارڪار هو، سندس والد بجار خان تي ننڍڙي پٽ عبدالڪريم کي پڙهائڻ جو گهڻو زور رکيو هو. 1916ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کانپوءِ ميونسپل اسڪول سکر ۾ داخل ٿيو، پر افسوس سان مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو. روهڙي جي قاضي علي رضا، جيڪب آباد جي قاضي عبدالڪبير ۽ مسٽر هيرانند خيرپوري وٽ وڃي علم جي اڃ اجهائڻ لڳو. 1918ع ۾ پڙهائي ڇڏي ڪري وڃي گهر پهتو ته گهر جي خرچ ۾ والد سان هٿ ونڊرائڻ جي شوق پيدا ٿيس. مسٽر آنند رام جي ڪوششن سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري ڪيائين، شڪارپور ۾ رهندي گهڻي ڪم ۾ رڌل رهڻ ۽ وقت نه ملڻ ڪري اها پوسٽ آفيس واري نوڪري ڇڏي وڃي ٺل ۾ رهيو. جتي وري 1920ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين.
پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي رهڻ کانپوءِ پوليس ۾ ننڍو منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پوليس ۾ اڃان ڇهه مهينا مس جيڪب آباد ٿاڻي تي نوڪري ڪيائين دل نه لڳڻ ڪري سا به ڇڏي ڏنائين. 1923ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر مقرر ٿيو، اتي وري اتفاق سان شڪارپور ڄائو، سنڌ جو نالي وارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد ۽ سنگيت جو ڄاڻو لطف الله بدوي پڻ بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو، تنهن سان گڏ ئي عبدالڪريم پڻ هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا، لطف الله بدوي جي صحبت ۾ “گدائيءَ” کي به شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو تخلص ‘گدائي’ رکيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ 1927ع ۾ بئراج سکر ۾ نوڪري مليس، اتان پوءِ وري هي کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ ۽ ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ ٿي رهيو ۽ سچائي توڙي ايمانداريءَ سان ملازمت جا فرائض سرانجام ڏيڻ لڳو. گهڻو وقت نوڪري تي رهڻ کانپوءِ آفيس اسٽاف مان ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پوڻ ڪري کيس 1932ع ۾ نوڪري تان لاٿو ويو.
محترم نياز سرڪي لکي ٿو ته “نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ 1932ع ۾ ٺل ۾ اول ڪپڙي جو دڪان کوليو، جيڪو ٽن سالن بعد فيل ٿي ويس ان کان بعد ۾ ٺل ۾ هوٽل به کوليائين، جيڪو پڻ نوڪرن جي نذر ٿي ويس”. (ڪينجهر “گدائي” نمبر ص 11).
زندگي ڏکن ۽ سکن جو نالو آهي ڪڏهن خوشي آهي ته ڪڏهن غم، عبدالڪريم “گدائيءَ” جي زندگي ۾ هونئن ته گهڻا ڏک آيا، پر ٻه ڏک وارا سال اهڙا گذريا جو وساري نه سگهيو. هڪ 1939ع ۾ سندس امڙ وفات ڪري وئي ۽ 1944ع ۾ سندس والد صاحب وفات ڪئي. اکڙين مان نير وهائي ٻنهي کي تمام گهڻو ياد ڪندو هو.
عبدالڪريم “گدائيءَ” جي شاعري سنڌ اندر رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ پاڻ به مشاعرن ۾ حصو وٺڻ کان بعد گهڻو ٻڌو ٿي ويو يا سندس ڪلام مختلف راڳين ڳائي سنڌ ۽ هند ۾ کيس ايتري ته مشهوري ڏياري ڇڏي جو “گدائي” کي جهر جهنگ ۾ ٻڌو ٿي ويو ۽ پسند ڪيو ويو. هو غريبن ۽ مسڪينن، هارين ۽ ڏتڙيل عوام جو حقيقي ترجمان ڪري تسليم ڪيو ويو. هن پنهنجي شاعري ۾ عشق جون ڳالهيون به ڪيون آهن ته وطن کي پڻ ساراهيو آهي. سندس ڪلام متعلق استاد بخاري جهڙو سنڌ جو عوامي شاعر لکي ٿو ته “گدائي صاحب عمر رسيدو ٿي چڪو، پر سندس شاعري کي هاڻي نئين جواني نوان امنگ پئي آيا. سندس سڀ ساٿي شاهد آهن ته هو جيئن پڻ ڏينهون ڏينهن جسماني طرح پوئتي پوندو ويو تيئن سندس شاعري، ارادا، سوچون مضبوط ٿينديون ويون. آخر ۾ ته پيري جي ضعف سبب سندس هٿ به ٿورڙو لرزڻ لڳا هئا، پر سندس فڪر نه لرزيا هئا. ادبي محفلن ۾ ڪلام پڙهڻ وقت سندس انداز، الفاظ، امنگ، اسان سڀني سان ٻٽ، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا هئا. کيس سڀ رفيق “جوان همت شاعر” چوندا هئا (ڪينجهر “گدائي” نمبر ص 44)، شيخ اياز جهڙو وڏو نالي وارو شاعر لکي ٿو ته: “اسان جي شاعر گدائي ۾ معاشي حقيقت پسندي ايتري جرڪي رهي آهي، جو ڪنهن به جوهري جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي.” (ساڻيهه جا سور ص 2). سائين جي ايم سيد جهڙو سياسي اڳواڻ ۽ ادبي سونهون لکي ٿو ته: “ميان عبدالڪريم گدائي سنڌ جي چوٽي جي ترقي پسند شاعرن مان آهي. هو مخلص قومي ڪارڪن ۽ سنجيده طبع، سمجهدار، حب الوطني جي جذبي سان سرشار، بي ڊپو انقلابي مجاهد آهي.” (جنب گذاريم جن سين جلد ٻيو ص 105).
عبدالڪريم “گدائي” جي شاعريءَ جا مجموعا “ساڻيھه جا سور”، “پيماني تي پيمانو” ۽ “پکڙا ۽ پنهوار” ته سندس حياتي ۾ ڇپيا ۽ ايترا ته مشهور ٿيا جو گهڻو وقت مارڪيٽ ۾ دستياب ئي نه رهيا. هڪ اڌ ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو هو. انهن ٽنهي ڪتابن جي مواد توڙي ٻين رسالن ۾ ڇپيل سندس شاعريءَ کي وڏي محنت سان محترم نياز سرڪي ۽ محترم جاويد ساغر سهيڙيو، “گدائي” صاحب جو اهو شاعري جو گڏيل مجموعو “لاٽ ٻرندي رهي” جي نالي سان 2007ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، پر سندس ڪلام اڃان ڪٿي نه ڪٿي ٽڙيل پکڙيل موجود آهي، جيڪو ڪنهن به مجموعي ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهي. سندس نثري ڪتاب “خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين” پڻ ڇپيل آهي. جيڪو جيڪب آباد جي تاريخ تي اهم ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. “گدائي” صاحب جي شاعري کان علاوه مختلف مضمون ۽ ڊرامه به لکيل آهن مگر اهي ڪتابي صورت ۾ يڪجا ٿي اچي نه سگهيا آهن.
عبدالڪريم “گدائي” اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا هئا. پاڻ، سنڌي ادبي سنگت هجي يا رائيٽرس گلڊ پاڪستان ۽ صحافتي يا سماجي تنظيمن سان گهڻو وابسته رهيو، گهڻن ئي قومي ۽ ادبي تحريڪن ۾ شامل ٿي پاڻ ملهايائين. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ سياست ۾ به دلچسپي رکندو هو “خلافت تحريڪ”، “ڪانگريس”، “هاري ڪاميٽي” ۽ “نيشنل عوامي پارٽي” ۾ به شامل رهيو هو. “گدائي” صاحب بهترين مقرر پڻ هو، اڄ به سندس تقريرون، جيڪي ڪٿي ڪٿي محفوظ آهن، پڙهجن ٿيون ته سندس علمي گهرائي ۽ ڏاهپ توڙي فڪر کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هن کي صحافت ۾ به خاص دلچسپي هئي جيڪب آباد جي صحافت ۾ “گدائي” جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگهجي. هو جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار: ‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. سندس خبرن ۽ ايڊيٽوريلن جو ڪٽنگ فائل جو اڄ ڏينهن تائين سامهون ته نه آيو آهي، مگر ڏسڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو. ڪو محقق يا شاگرد ان پهلوءَ تي ڪم ڪرڻ چاهي ته اهو موضوع به ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو.
عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي عام زندگي ۾ سادو، سچو ۽ مخلص رهيو. زندگي ۾ مشڪل وقت گهڻو ڏٺائين مگر ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ ڦهلائڻ ۽ ڪنهن جي خوش آمد ڪرڻ کان پاسو ڪيائين، نه ڪنهن جي گلا ڪرڻ ۾ اڳرو ۽ نه ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ پيش رهيو. ننڍي وڏي جي لاءِ عزت ۽ احترام هوندو هئس. هن کي به شهري توڙي ادبي دوست “چاچو” چئي مخاطب ٿيندا هئا. “گدائي” صاحب جي ڪٽنب ڏانهن نظر ڪبي ته هن ٽي شاديون ڪيون هيون، پهرين گهر واري مائي صاحب خاتون 1940ع ۾ بنا اولاد جي گذاري وئي هئي، کيس وچينءَ گهر واريءَ ربل خاتون مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سندس ٽئين گهر واري فاطمه بيگم پٽياله جي رهندڙ ۽ نيڪ خاتون هئي تنهن به “گدائي” صاحب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي هئي.
غربت ۽ مفلسيءَ ۾ سنڌ جي هن عظيم ڪويءَ ۽ ڏاهي پنهنجي حياتي گذاري 28 جنوري 1978ع تي وفات ڪئي. سندس فڪر ۽ شخصيت تي بيشمار مضمون ۽ مقالا توڙي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سندس ذڪر سنڌي ادب جي تاريخن ۽ تاريخي ادبي ڪتابن ۾ سونهري حرفن سان لکيل آهي. اها به خوش نصيبي آهي جو عبدالڪريم “گدائي” جهڙو بهادر ۽ زنده دل شاعر سنڌي نصاب ۾ شامل آهي ۽ شاگردن کي پڙهايو وڃي ٿو. هر سال “گدائي ميلي” جو اهتمام ٿئي ٿو جنهن ۾ موسيقي جي محفل ۽ ادبي ڪانفرنس لازمي طور ٿيندي آهي.