آمريڪا، پاسدارن ايران کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيئي ڇڏيو
خبرن موجب آمريڪا جي صدر پنهنجي هڪ بيان ۾ ايران جي پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي ڦهلائڻ وارو ملڪ آهي. سندس ايراني سيڪيورٽِي فورس پاسدارن انقلاب سڌي ريت دهشتگردي ۾ به ملوث رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران پنهنجي پاسدارن کي شام، لبنان، يمن ۽ لبيا ۾ دهشتگردي ۾ استعمال ڪيو آهي، جنهن جا آمريڪا وٽ پڪا ثبوت موجود آهن. واضح رهي ته هن قسم جي اعلان بعد ايران لاءِ نيون پريشانيون شروع ٿي وينديون، جنهن کان علاوه پاسدارن ايران سان جڙيل هر شخص لاءِ آمريڪا ۾ سفر ڪرڻ يا رهائش اختيار ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. دنيا ۾ هي پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن به ملڪ جي سيڪيورٽي فورس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف سعودي عرب هن اعلان تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

