بلاگنئون

آمريڪي سامراجيت عالمي امن لاءِ زهر بڻجي چڪو آهي، دنيا کي آمريڪا کان لاتعلقي جو اظھار ڪرڻ گهرجي

انساني تاريخ رڳو بادشاهن، سلطنتن ۽ جنگين جي داستان ناهي، پر اها مظلوم قومن جي جدوجهد، غلام معاشرن جي ڪوششن ۽ آزاديءَ لاءِ لاڳيتو جدوجهد جي پڻ شاهدي ڏيندڙ ماضي آهي. جڏهن به ڪا طاقت پاڻ کي دنيا جو مرڪز، سچائي جو فيصلو ڪندڙ ۽ انسانيت جو رهنما سمجهي، تڏهن انسانيت کي سڀ کان وڏو نقصان ان کان پهتو آهي. اهو سبق تاريخ جي هر دور ۾ ملي ٿو، جتي سامراجيت پنهنجي مرضي، طاقت ۽ مفادن جي خاطر قومن کي غلام بڻائي ٿي، انهن جي معيشت کي ڪمزور ڪري ٿي، انهن جي ثقافت تي قبضو ڪري ٿي ۽ انهن جي تاريخ کي پنهنجي مفادن مطابق لکرائي ٿي. اڄ جي عالمي منظرنامي ۾ آمريڪا پاڻ کي جمهوريت جو علمبردار، امن جو محافظ ۽ عالمي اڳواڻ پيش ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اهو پنهنجي نعري جي آڙ ۾ جنگ، تباهي ۽ غلامي ڦهلائي رهيو آهي. آمريڪي سامراجيت عالمي امن لاءِ زهر بڻجي چڪي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو قومن کي نه صرف هٿيارن ۽ فوجي طاقت سان پابند ڪري ٿو، پر سرمائي، ميڊيا، علم ۽ ثقافت ذريعي انهن جي سوچ، روح ۽ مستقبل تي پڻ قبضو حاصل ڪري ٿو.

سامراجيت جو تصور ۽ تاريخي پسمنظر: سامراجيت صرف فوجي قبضي جو نالو ناهي، پر اهو هڪ اهڙو نظام آهي جنهن ۾ طاقتور قومون ڪمزور قومن جي وسيلن، محنت، سوچ ۽ مستقبل تي ڪنٽرول حاصل ڪن ٿيون. ڪارل مارڪس اڳ ۾ خبردار ڪيو ته سرمائي جي لالچ انسانيت کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ لينن پنهنجي ڪتابImperialism: The Highest Stage of Capitalism ۾ لکيو ته سامراجيت سرمائي جي آخري ۽ سڀ کان خطرناڪ شڪل آهي، جنهن ۾ مالي طاقت عالمي سطح تي پکڙجي وڃي ٿي ۽ جنگيون ناگزير بڻجي وڃن ٿيون. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جڏهن برطانوي ۽ يورپي سامراجيت ڪمزور ٿي وئي ته آمريڪا نئين سامراج طاقت طور اُڀريو. پراڻي سامراجيت سڌو سنئون علائقن تي حڪومت ڪندو هو، جڏهن ته آمريڪي سامراجيت وڌيڪ جديد، پيچيده ۽ گهڻ رخي آهي. هاڻي سامراجيت صرف فوجي قبضي جو نالو ناهي، پر معاشي، سياسي ۽ ذهني ڪنٽرول جو به نظام بڻجي ويو آهي.

آمريڪي سامراجيت جا اوزار: آمريڪا پنهنجي برتري قائم رکڻ لاءِ ٽي وڏا اوزار استعمال ڪري ٿو، (1) فوجي طاقت: آمريڪا تقريبن هر ڪنڊ ۾ پنهنجا  فوجي اڏا قائم ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي امن لاءِ نه، پر ڌمڪين، جبر ۽ ڪنٽرول لاءِ آهن. ويٽنام کان افغانستان تائين، جتي آمريڪي فوج وئي، اتي فقط لاش، يتيمي ۽ تباهي ڇڏي وئي. ويٽنام جنگ ۾ آمريڪي فوج ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا، جن جا اثر نسلن تائين جسماني ۽ ذهني معذوريءَ جي صورت ۾ رهيا. عراق تي ڪيل 2003ع واري جنگ، جيڪا هٿيارن جي موجودگي جي ڀڙڪ سان شروع ڪئي وئي، ملڪ کي تباهي ۾ وجهي ڇڏيو. افغانستان ۾ ويهه سال جاري جنگ زندگي، معيشت ۽ بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ آمريڪي فوج ذلت ڀري منظر سان واپس آئي. لکين عام ماڻهو انهن جنگين ۾ مارجي ويا. تاريخ ڏيکاري ٿي ته آمريڪي جنگون هميشه حڪمران طبقي جي مفادن لاءِ رهيون، عوام جي لاءِ نه. (2) اقتصادي قبضي جي صورت: آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ عالمي مالي نظام ذريعي قومون قرضن ۾ ڦاٿل آهن ۽ انھن ادارن طرفان رکيل اهڙيون شرطون جيڪي مقامي معيشت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ عوام کي غربت ۾ ڌڪين ٿيون. هي نه صرف اقتصادي پابندي آهي، پر جديد اقتصادي غلامي جو نظام پڻ آهي، جيڪو نظام هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ملڪ پنهنجا وسيلا آزاد طريقي سان استعمال نٿا ڪري سگهن، مقامي صنعتون تباهه ٿين ٿيون ۽ عام عوام غربت ۽ بي روزگاري جي دٻاءُ ۾ اچي ٿو.آئون هن کي جديد اقتصادي غلامي سمجھان ٿو، جيڪا ڪيترن ئي معاملن ۾ فوجي قبضن کان وڌيڪ موثر ۽ ڏوهاري آهي. (3) ذهني ۽ ثقافتي قبضي جي شڪل ۾ آمريڪا: آمريڪا ثقافت، هالي ووڊ، ميڊيا، اين جي اوز ۽ تعليمي نصاب ذريعي عالمي ماڻهن جي ذهنن تي قبضو ڪري ٿو. جنگ کي انسانيت جي خدمت، قبضي کي آزادي ۽ سامراجيت کي انسانيت جي خدمت طور پيش ڪيو وڃي ٿو. هن ذهني قبضي ذريعي آمريڪا نه رڳو قومن کي سنڀالي ٿو، پر انهن جي سوچ، ثقافت ۽ تاريخ کي پڻ پنهنجي مفادن لاءِ ڊزائين ڪري ٿو.

آمريڪي سامراجيت جو تاريخي رڪارڊ ڏيکاري ٿو ته آمريڪي سامراجيت هميشه سياسي ۽ معاشي حڪمت عمليءَ سان ڪم ڪيو آهي. آمريڪا پاڻ کي جمهوريت جو علمبردار پيش ڪري ٿو، پر هميشه آمرانه ۽ غير منتخب حڪومتن کي سپورٽ ڪندو پيو اچي. ايران ۾ وزيراعظم محمد مصدق کي آمريڪا ۽ برطانيه ڳجهي آپريشن ذريعي هٽايو، چلي ۾ سالواڊور آلينڊ جو تختو اونڌو ڪيو ويو، جيڪو دنيا جو پهريون سوشلسٽ چونڊيل صدر هو. ايڊورڊ سعيد مطابق، سامراجيت صرف علاقائي قبضو ناهي، پر ذهنن تي قبضو پڻ آهي.

فلسطين ۾ آمريڪا جو ڪردار سامراجيت جو ننگو چهرو بڻجي بيٺو آھي. فلسطيني مسئلو آمريڪي سامراجيت جو سڀ کان واضح نمونو آهي. آمريڪا اسرائيل جي جارحيت ۾ مڪمل حمايت ڪري ٿو، گڏيل قومن جون قرار دادون نظرانداز ڪري ٿو ۽ فلسطيني حقن کي رد ڪري ٿو. ايلان پاپي فلسطيني عوام تي ظلم کي جديد نسلي صفائي جو روپ قرار ڏئي ٿو. اهو ڏيکاري ٿو ته آمريڪي انسانيت جا نعرا صرف سامراج جي مفادن لاءِ نعرا آهن، جن ۾ عوام جي خوشحالي يا انصاف جو ڪو خيال نه آهي، پر سامراجيت ناقابل شڪست ناهي. فلسطين ۾ مزاحمت، لاطيني آمريڪا ۾ سوشلسٽ تحريڪون، آفريڪا ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ ايشيا ۾ سامراج مخالف سياست ڏيکارين ٿيون ته مزاحمت هميشه جاري رهي ٿي ۽ آخرڪار مظلومن جي فتح ٿيندي آهي. چي گويرا چيو ته سامراجيت خلاف جدوجهد نسلن تائين جاري رهي ٿي، پر فتح حتمي آهي.

تاريخ ۾ هر علائقي ۾ سامراجيت خلاف مزاحمت جا روشن مثال موجود آهن: هندستان ۾ برطانوي راڄ خلاف تحريڪ، الجزائر ۾ فرانس خلاف آزاديءَ جي جدوجهد، ڪيوبا ۾ اسپين خلاف قومي تحريڪ، آفريڪا ۾ نوآبادياتي طاقت خلاف تحريڪون، وچ اوڀر ۾ مختلف قومن جي سامراج مخالف تحريڪون، ايشيا ۾ آمريڪي بالادستي خلاف سياسي ۽ ثقافتي جدوجهدون، اهي جدوجهدون نه صرف فوجي ۽ سياسي ڪوششون هيون، پر ثقافتي، ذهني ۽ فڪري آزاديءَ جو پيغام پڻ ڏئي رهيون هيون.

عملي حڪمت عمليون، لاتعلقي ۽ آزادي: آمريڪي سامراجيت کان لاتعلقي رڳو نعرو نه، پر عملي سياسي ضرورت آهي. قومون عوامي شعور وڌائين، آزاد ۽ خودمختار پاليسيون اختيار ڪن، علاقائي ۽ عالمي اتحاد قائم ڪن، ميڊيا ۽ فڪر جي آزادي حاصل ڪن. جيستائين قومون سامراجيت کي سڃاڻنديون نه، تيسائين حقيقي آزادي ناممڪن آهي.

جيڪڏھن پاڻ حل طرف وڃڻ چاھيون ٿا ته چند تجويزون پيش ڪريان ٿو:

دنيا کي هڪ اهڙي نظام جي ضرورت آهي، جتي طاقت جي جاءِ انصاف، جنگ جي جاءِ گفتگو ۽ ظلم جي جاءِ برابري وٺي. اهڙي دنيا ۾ ئي انسانيت تباهي کان بچي سگهي ٿي. آئون سمجھان ٿو، علمي سامراجيت جي خاتمي کانسواءِ عالمي امن حاصل نٿو ڪري سگهجي.